باباءِ قوم حيدر بخش جتوئي

ڪامريڊ اظهر جتوئي

دنيا جي قديم ترين دراوڙي تهذيب موهن جو دڙو جي لاڙڪاڻي واري ڌرتي ڏاڍي زرخيز رهي آهي. انهي جي تعلقي ڏوڪري جي ننڍڙي ڳوٺ بکو ديرو ۾ ۲۰هين صدي جي پهرين سال ۾ غريب گھراڻي الهداد جتوئي جي گھر ۾ جنم وٺندڙ شخص جنهن کي بابا ءِ سنڌ جو خوبصورت لقب مليل آهي جو ورلي ماڻهن کي ملندو آهي.

انگريز سرڪار جي دور ۾ موهن جو دڙو جي مٽي مان جنم وٺندڙ حيدر بخش جتوئي ۲۷ سالن جي جوڀن واري جواني ۾ سرڪاري ملازم ٿيو ته سرڪار سڳوري جو گھٽ پر ڌرتي جي مظلوم ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافين جا پيو فائل ٺاهيندو هو ۽ اهي فائل اڄ هڪ تاريخ بڻجي ويا آهن. انگريزي راڄ ۾ سڀ کان بهترين، سڻڀي سرڪاري نوڪري کي ضمير جي آواز تي لت هڻي سڄي ڄمار هارين جي حقن ۽ جدوجهد ۾ گھاري ڇڏي ۽ موٽ ۾ جيڪا تاريخ قائم ڪئي اها ڌرتي ڌڻين لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.

باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جيڪو هڪ مفڪر، انقلابي، آدرشي، سنڌ جي قومي وجود ۽ هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪندڙ عظيم سرواڻ هو. جڏهن انگريز سلطنت جو سج هن ڌرتي تان لهندو ئي نه هو ته انهيءَ سلطنت ۾ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ڊپٽي ڪليڪٽري جھڙي سڻڀي عهدي تي پهچي چڪو هو، جيڪو عهدو اڄ جي گورنر کان گھٽ نه هو، پر هن ۱۹۴۵ع ۾ هن سڻڀي عهدي جي پرواهه نه ڪندي اڇي ڪاڳر تي ٻه چار اکر نوڪري آهي ٽوڪري وارا لکي هارين جي حقن لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ لهي پيو. ڪليڪٽر مان ڦري ڪامريڊ بڻجي ويو.

باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جيڪو هڪ مفڪر، انقلابي، آدرشي، سنڌ جي قومي وجود ۽ هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪندڙ عظيم سرواڻ هو. جڏهن انگريز سلطنت جو سج هن ڌرتي تان لهندو ئي نه هو ته انهي سلطنت ۾ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ڊپٽي ڪليڪٽري جھڙي سڻڀي عهدي تي پهچي چڪو هو، جيڪو عهدو اڄ جي گورنر کان گھٽ نه هو، پر هن ۱۹۴۵ع ۾ هن سڻڀي عهدي جي پرواهه نه ڪندي اڇي ڪاڳر تي ٻه چار اکر نوڪري آهي ٽوڪري وارا لکي هارين جي حقن لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ لهي پيو. ڪليڪٽر مان ڦري ڪامريڊ بڻجي ويو.

لفظ ڪامريڊ هڪ رومانس، خوبصورت ۽ آدرشي لفظ جيڪو ساٿي ۽ هڏ ڏوکي کي چيو ويندو آهي. پر اڄ ڪن ماڻهن ان خوبصورت نانءَ کي اهڙي نموني سان مشهور ڪيو آهي جو اهو تذليل ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي پر پوءِ به ڪامريڊ لفظ وارن ماڻهن جو جيون ڪيڏو نه المناڪ هوندو آهي. انقلابي ۽ آدرشي انسان جو جيون هڪ سنگھرش هوندو آهي پر پوءِ به اهي ڌرتي سان پنهنجو نينهن وارو ناتو نه ٽوڙيندا آهن. ناتو ٽوڙجي به ڇو؟ اهي ناتا ڪنهن سنهي سُئي سان ته نه سبيا ويا آهن. انهن ناتن ۾ ڪامريڊن جو ڌرتيءَ سان عشق، انقلاب، رت ۽ ست سمايل هوندو آهي. باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي به اهڙو ئي انقلابي ۽ آدرشي انسان هو، جيڪو پهرين ڏينهن کان وٺي پوئين پساهن تائين ڪامريڊ رهيو.

باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي هارين جي زندگي، مفلسي، ڏک ۽ پيڙائن جو درد پاڻ تي محسوس ڪندي ۱۹۳۰ع کان وجود ۾ آيل سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو ۽ سموري حياتي هارين جي حقن لاءِ ارپي ڇڏي. ون يونٽ جي خلاف طويل جدوجهدن، ۱۸ لک ايڪڙ زمين، بي زمين هارين ۾ ورهائڻ کان وٺي مچ جيل جون سختيون به هن کي هارائي نه سگھيون ۽ نه هن مسافر ڪٿي ٿڪ ڀڃيو ۽ نه وري سرڪاريِ نامدار اڳيان پنهنجو ڪنڌ جھڪايو. مرڳوئي هن مظلوم ماڻهن کي ظلم سان اکيون اکين ۾ اٽڪائي جيئڻ جو ڏس ۽ ڏانءُ ڏنو.

صوفين جي سرزمين جي عظيم ڪردار صوفي شاهه عنايت شهيد جنهن سنڌ ڌرتي تي سڀ کان پهرين ”جو کيڙي سو کائي“ جو هڪ نئون فلسفو ڏنو ۽ ان فلسفي تي جدوجهد ڪندي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي سنڌ جي هارين کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. انسان جي سڄي تاريخ طبقاتي جدوجھد جي تاريخ آهي. هميشه کان وٺي ڏاڍو ۽ ڪمزور، آقا ۽ غلام، ڪارو ۽ گورو، اوچ ۽ نيچ، جاگيردار ۽ هاري، سرمائيدار ۽ مزدور هڪ ٻئي جي خلاف ميدان جنگ ۾ منهن مقابل رهيا آهن، وقت به وقت انهي جنگ ۾ غريب طبقن جون تحريڪون پروان چڙهيون ۽ هڪ نئين ۽ الڳ تاريخ قائم ڪيائون. ويٽنام، ڪيويا جا انقلاب هجن يا وينيزولا، ميڪسيڪو سميت پوري لاطيني آمريڪا ۾ هلچل هجي يا موجوده دور ۾ عرب هلچل هجي. اها هلچل هن اڻ برابري تي ٻڌل جاگيراڻي ۽ سرمائيداراڻي نظام جي موجود رهڻ تائين جاري رهندي. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي پڻ هن انسان ذات جي عظيم هلچل جي تاريخ جو هڪ نه وسرندڙ عظيم ڪردار هو. سنڌ جي تاريخ ته ڪئين املهه شخصيتن کي جنم ڏنو جن جي پنهنجي پنهنجي حوالن سان هڪ الڳ سڃاڻپ رهي آهي، پر سچ هي آهي ته دنيا جي قديم ترين تهذيب سنڌو ماٿريءَ جو ابو صرف ۽ صرف باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ئي آهي.

باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي تحريرن ۾ توهان کي انقلاب ۽ سوشلسٽ ادب نمايان نطر ايندو، جنهن پنهنجي وقت ۾ وڏي هلچل، ولولو ۽ جوش پيدا ڪيو. جنهن جوش چين جي صدر ”چُو ان لائي“ کي ايڏو ته متاثر ڪيو جو ڪامريڊ سان حيدرآباد ۾ مليو ته ڀاڪرين پئجي ويو. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي شاعري به ڪئي ۽ ”جيئي سنڌ“ وارو نعرو جيڪو اڄڪلهه هر ڪنهن جي زبان تي آهي. اهو پڻ سندس مشهور ڪلام ”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، جامِ محبت پيئي سنڌ“ تان ورتل آهي.

باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تي اسان سڀني کان وڇڙي ويو سندس آخري آرام گاهه ڪلهوڙا ڪالوني حيدرآباد ۾ آهي. اڄ سندس ورسي ينهن آهي ۽ اسان سڀ سنڌ واسي، سنڌ جي عام ماڻهن لاءِ ڪيل جدوجهد تي کيس ڀيٽا پيش ڪريون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.