حيدر بخش جتوئي : سنڌ جو روشن ڏيئو

ابو رافع

ممڪن آهي ته هيءَ ڪا ڳوٺاڻي چوڻي هجي پر آهي لاجواب. اها هيئن ته هڪ شخص ٻئي کان پڇيو ته ”وڏو ماڻهو ڪنهن کي چئبو آهي؟“ ٻئي جواب ڏنو ته؛ ”وڏو ماڻهو ان کي چئبو آهي جيڪو وڏي عهدي تي هجي.“ پهرئين ماڻهوءَ سخت ترديد ڪندي چيو ته؛ ”نه! وڏو ماڻهو ان کي چئبو آهي، جيڪو ڪنهن به وڏي عهدي کي ٿڏي ڇڏي.“

سچ پچ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سنڌ جي وڏي ماڻهو هجڻ جي پهرين نشاني اها هئي ته هن وڏي عهدي کي ٿڏي ڇڏيو. جڏهن سنڌ جا جيتامڙا ماڻهو، وڏي ٿيڻ لاءِ اقتداري آڳندن جو ٻهارريدار ٿيڻ به پسند ڪندا هئا، ان دور ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجو وڏو عهدو ڇڏي ننڍڙن ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهندڙ تنظيم هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو هو. ان کان اڳ ۾ شايد اهڙا مثال هڪ هٿ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مشڪل ملندا هجن.

اسان جا اڄ جي تاريخ تائين وڏن عهدن تي ويٺل سنڌي ۽ حڪمرانيءَ جا مزا ماڻيندڙ سنڌي، جڏهن ڪنهن به سبب ڪري اقتدار يا نوڪرين مان لوڌيا ويندا آهن، تڏهن کين مظلوم سنڌ ۽ مظلوم سنڌي ياد ايندا آهن، ان ڪري سنڌي ماڻهو انهن جي اعمالن کي ڏسي ندامت محسوس نه ڪري، هنن کي فخر به ڪرڻ گهرجي ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جهڙا پٽ به سنڌ ڄڻيا، جيڪي اڄ سنڌي قوم لاءِ فخر جو سبب بڻيل آهن

هو ڳوٺاڻو ٻارڙو وڏو ٿي دنيا ۾، سنڌ جي هڪ اهڙي جدوجهد جي علامت بڻجي ويو جهڙي ۱۹۱۷ع ۾ روس اندر پهرين ئي شروع ٿي چڪي هئي ۽ هڪ عظيم سوڀ ماڻي چڪي هئي. جتوڻيڪ سنڌ ۾ کان صنعتي نظام کان ڪوهين ڏور هئو ۽ هت مڪمل زرعي سماج هئو ۽ هتي زميندار جي هڪ هٽي مضبوط هئي ۽ اڄ تائين آهي، ان سماج ۾ ڪامريڊ جتوئيءَ هتان جي هارين لاءِ ۽ انهن جي بنيادي حقن ”اڌ بٽيءَ“ لاءِ ۽ ٻيون قانوني مددون کين ڏيارڻ لاءِ جيڪا اڌ عمر جدوجهد ڪئي، ان جتوڻيڪ سنڌي هارين کي ڪي قانوني حق وٺي ڏنا پر ان تحريڪ جيڪو سنڌي ماڻهوءَ کي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ وڙهن ۽ تحريڪ هلائڻ جو شعور ڏنو ان جو مثال ٻيو نٿو ملي، اينٽي ون يونٽ تحريڪ، سنڌي ٻوليءَ جي تحريڪ، ڪراچي جي وفاق ۾ وڃڻ خلاف تحريڪ ۽ ٻيون ڪيتريون تحريڪون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ويڙهه جون تاريخون ٻڌائين ٿيون ۽ سندس وڃڻ کان پوءِ سندس گيت، مختلف انقلابي راڳين جي آوازن ۾ سنڌ کي اهڙو شعور ڏئي ويا، جنهن سنڌ کي اڄ تائين بچائي رکيو آهي، جتوڻيڪ ان شعور کي ڪن موقعن تي وڪيو به ويو آهي، جنهن سبب اڄ سنڌ کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا آهن ۽ اڄ جڏهن سياسي ايمانداري، سياسي همدردي، سنڌ دوستي، پورهيت دوستي، اڻ لڀ ٿيندي پئي وڃي، تڏهن سنڌ کي شهيد الهه بخش سومرو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ جتوئي، شيخ اياز، ڪامريڊ سوڀو، محمد ابراهيم جويو ۽ ٻيا ڪيترائي وطن دوست سياستدان، اديب، دانشور شاعر سياسي ڪارڪن ۽ همدرد ياد اچي رهيا آهن، جن جي ڪردار کي ڏسي فخر ٿيڻ لڳي ٿو ۽ وري پاڻ ڏي ۽ ڪن ٻين ڏي ڏسي ندامت محسوس ٿئي ٿي. ڪامريڊ جتوئي، سنڌ جو هڪ پڙهيل ڳڙهيل سياسي دانشور، شاعر ۽ ليکڪ هو، هن جا ڪيترا شعر هڪ پاسي آهن ته سندس عملي جدوجهد ٻئي پاسي آهي، چون ٿا ته ”جيئي سنڌ“ لفظ خود ڪامريڊ جتوئيءَ جي ايجاد آهي، ٻيءَ طرح سندس مشهور نظم ”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، جام محبت پيئي سنڌ.“ سنڌ جي هر سياسي توڙي ادبي جلسي ۾ اهڙو روح ڦوڪيندو هئو، جو سنڌي ماڻهو ڪا به ويڙهه وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هئو ۽ وڙهيو به جنهن لاءِ خود تاريخ شاهد آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ ڪامريڊ جتوئيءَ جو جيترو به ۽ جيڪو به حصو آهي اهو خود تاريخ ۾ محفوظ رهندو، ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ جتوئيءَ جي عملي ويڙهه جو علمي روپ سندس شاعري ۽ ٻين ڪتابن ۾ آهي ۽ اهي ٻئي روپ سنڌ جي تاريخ ۾ سدائين اتساهه جو سبب بڻجندا رهندا، ائين سندس هلايل جدوجهد جاري رهندي.

سنڌ ۾ جڏهن به ڪا سنڌي ماڻهن جي گڏيل حاصلات لاءِ جدوجهد هلندي، ويڙهه ٿيندي ته ان جي پٺ ۾ ڪامريڊ جتوئيءَ جي علم ۽ عمل جو ڏنل اتساهه ضرور شامل هوندو، ڇاڪاڻ جو ڪامريڊ جتوئيءَ علم ۽ عمل ۾ هڪ جهڙو شخص هئو، هن جي قول ۽ فعل ۾ ڪو به فرق نه ڏٺو ويو، يا ائين چئجي ته ان نسل ۾ اهڙي قسم جو ڪو به فرق نه هئو. سچ پچ ته اهي شخص ئي هئا، جن جي ڪري اڄ به ڪنهن ڪارڪن وٽ علم ۽ عمل موجود آهي. سنڌ کي ۽ سنڌي ماڻهن کي پنهنجي زندگي ارپيندڙ ڪامريڊ جتوئي لاءِ اها ڀيٽا اهم آهي ته اڄ جي هاري تحريڪ کي هڪ ڀيرو وري سرگرم ڪيو وڃي ۽ سنڌي هاريءَ جي هر ٻئي ڏينهن خراب ٿيندڙ صورتحال کي سڌارڻ لاءِ ڪا زوردار تحريڪ هلائجي، جيڪا سنڌي ماڻهن ۾ وري ڪا نئين سگهه پيدا ٿئي ۽ اهي ماڻهو پنهنجو آجپو ماڻين ۽ عزت ۽ آبروءَ واري زندگي گذارڻ جهڙا ٿين ۽ جڏهن ائين ٿيو ته پڪ ئي پڪ ڪامريڊ پنهنجي جهان ۾ مرڪندو نظر ايندو ۽ سنڌين تي فخر ڪندو ته هيءُ منهنجي عمل ۽ علم مان پرائيندڙ ماڻهو آهن، جن پنهنجي غلاميءَ جون زنجيرون آخر ٽوڙي پري اڇلايون آهن ۽ هو دنيا جي آزاد ۽ باوقار قومن ۾ ڪنڌ کڻي ڳالهائڻ جهڙا ٿيا آهن.

ايڪويهه مئي ڪامريڊ جتوئيءَ جي وفات جو ڏينهن آهي. هيءُ ڏينهن سنڌي ماڻهن لاءِ سوڳ جو ڏينهن آهي، جنهن ۾ اسين سڀ شامل آهيون، پر سنڌ جي مٽيءَ مان اها اميد رکون ٿا ته ان مان وري ڪو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پيدا ٿيندو ۽ وري هڪ وڏي ويڙهه وڙهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.