عظيم وطن دوست هاري رهنما، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

ڪيرت ٻاٻاڻي

حيدر بخش جتوئي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جي صوبائي حقن لاءِ وڙهندو رهيو ۽ ون يونٽ ٺهڻ کان اڳ ۽ پوءِ ون يونٽ جي سختيءَ سان مخالفت ڪيائين، سنڌ جي حقن لاءِ ڪيتريون چونپڙيون لکيائين ۽ ڪيترائي سال جيل ۾ رهيو. سنڌ جي عوام کيس محبت وچان ”باباءِ سنڌ“ جو خطاب ڏنو. آخر ون يونٽ ٽٽڻ جي خوشخبري ٻڌي ۽ ان خوشيءَ ۾ هڪ شعر به لکيائين، ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تي زندگي ڪامريڊ جو ساٿ ڇڏيو، جنهن ڪري اهو شعر اڌورو رهجي ويو.

اجها عيد آئي، اجها عيد آئي!

ٿي سنڌين جي پنهنجي رهائي!

جڏهن سنڌ جي عظمت، بهادري ۽ آزادي لاءِ ويڙهه جو قصو لکيو ويندو، تڏهن حيدر بخش جتوئي جو ذڪر سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو، سنڌ جي اعليٰ بي داغ ۽ روشن دماغ سپوت پيدا ڪيا آهن، تن جي قطار ۾ حيدر بخش جتوئي روشن ستاري وانگر چمڪي رهيو آهي.

هڪ انقلابي شاعر، بي ڊپي، وطن پرست ۽ غريبن جي همراهه رهبر حيدر بخش جتوئي جو سمورو جيون هڪ مثالي ڪارنامو ۽ سنڌ اندر قربانيءَ جو هڪ بي مثال تاريخي باب آهي، سنڌ ۾ عام خلق وٽان ايترو ته ڀرپور پيار ۽ عزت ملي آهي، جو کيس پيار وچان باباءِ سنڌ سڏيو ويندو آهي.

هن هڪ پوري ساري ڳوٺاڻي ڪٽنب ۾ جنم ورتو ۽ هڪ لاثاني ذهن عطا ٿيس، اسڪولي جيون ۾ ئي ايترو هوشيار هو جو اسڪالر شپون حاصل ڪري پنهنجي تعليم کي پورو ڪيائين ۽ اڪثر امتحانن ۾ اول نمبر حاصل ڪيائين، ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ مختيارڪار جي عهدي تان ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي پهتو، سندس لاءِ ترقي جي شاهراهه کليل رهي.

پر تاريخ کي ائين منظور نه هو، حيدر بخش جتوئي پنهنجي لاءِ نئين راهه جي چونڊ ڪئي، نوڪريءَ جي ايام ڪاريءَ ۾ هن سنڌي هارين (ڪسانن) سان اتياچار ۽ عقوبتون وهنديون ڏٺيون، هن بيحد حساس شخص جي دل ڇيهون ڇيهون ٿي وئي. هارين جا ڏک هو برداشت نه ڪري سگهيو، ان وچ ۾ هن سماجواد ۽ مارڪسواد جو چڱو اڀياس ڪري ورتو هو. سرمائيداري سماج ۽ سرشتي جي لعنت هو برداشت نه ڪري سگهيو، ان ڪري پنهنجي وڏي عهدي کي ٺوڪر هڻي هن پنهنجي قسمت سنڌي عوام سان ڳنڍي ڇڏي پوءِ ته هيون سختيون ۽ سزائون، ڏک ۽ ڏاکڙا، جيل، ڪورٽون، مشڪلاتن جو هڪ سفر.

حيدر بخش جتوئي عوامي تحريڪ سان گڏ هڪ بي ڊپو وطن دوست ۽ انقلابي شاعر هو. هن جا شعر جڏهن به سنڌ ۾ ڇپبا هئا ته زوردار غلغلو مچي ويندو هو. سندس شعرن جا ڪافي ڪتاب به ڇپيا، پر جن شعرن ولولو پيدا ڪيو، تن مان ڪجهه هي هئا. شڪوه، درياهه شاهه، آزاديءَ قوم، سنڌ پياري، سلام سنڌ، پاڪستان زنده آباد!، سنڌي وڏيرا، جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، ون يونٽ پنجابي مرده باد وغيره، سندس ڪيترا ئي شعر ۽ ڪتاب ضبط ڪيا ويا.

۱۹۴۹ع ۾ يارهن مهينن جي پاڪستان جيل ڪاٽڻ کان پوءِ جڏهن مون کي آزاد ڪري ڪراچي مان نيڪالي ڏنائون ته مان حيدرآباد ۾ وڃي حيدر بخش جتوئي وٽ حيدر منزل ۾ رهيو هوس، جتي هيٺين حصي ۾ ”هاري حقدار“ پريس هئي، ڪيترائي مهينا هن محبوب شخص سان گڏ رهيس ۽ گڏجي پريس ۾ ڪم ڪيم، هڪ عاليشان شخصيت ۽ اٽل آزادي جو مالڪ هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.