محرابپور لڳ پورهيت گهر ويندي پر اسرار نموني گم

محرابپور (ن ع آ ) محرابپور جي بلاول ڪالوني جو رھواسي  پورھيت سترنھن سالن جو سومر ولد  بشير احمد قمبراني محرابپور جي ھوٽل تان پورھيو ڪري رات يارنھن وڳي پنھنجي گھر بلاول ڪالوني ڏانھن ويندي پراسرار نموني گم ٿي ويو آھي  سورنھ ڏينھن گذرڻ جي باوجود ڪوبه ڏس پتو پئجي نه سگھيو آھي سومر قمبراڻي جي  پي بشير احمد قمبراڻي سنڌ حڪومت ۽ وس وارن ادارن کي اپيل ڪندي چيو آھي ته مان غريب مسڪين آھيان پٽ جي ڳولا باوجود ڪوبه ڏس پتو پئجي نه سگھيو آھي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.