پاڻي تي پنجاب جو ڌاڙو غير قانوني آھي: رياض چانڊيو

نوابشاهه(رپورٽ فياض چنڊ ڪليري) جيئي سنڌ محاذ جي چئيرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته 22 مئي تي سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف مظاھرا ڪيا ويندا، پاڻي تي پنجاب جو ڌاڙو غير قانوني آھي، غير ملڪي افغاني جي نيڪالي ۽ سنڌ اندر معصوم شھرين جي قتل خلاف 22 مئي تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا، ھن اھڙن خيالن جو اظهار نواب شاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، ھن چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين ھن وقت پاڻي جي سخت کوٽ آھي پئيڻ جو صاف پاڻي ناھي جنھن جي ڪري سنڌ جا 10 لک معصوم ٻارڙا اسپتالن جي بيڊن تي داخل آھن سنڌ جي ھن درد جو ڪيس ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي ۽ اسان جيڪي سنڌ جي ڳالهه ڪيون ٿا ماروئڙن جي ڳالهه ڪيون ٿان پرامن سياسي جدوجھد ڪيون ٿا، سائين جي ايم سيد جا پيروڪار آھيون عدم تشدد واري سياست ڪيون ٿا اسان مٿان دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، ھن چيو ته چار سال عمران سرڪار واري دور ۾ پاڻي جي خلاف ورزي ٿيندي رھي آھي، ملڪ اندر معاشي بحران آھي سنڌ ۾ ھن وقت ڦٽي جو فصل پاڻي وقت سر نه ملڻ ڪري تباھه ٿي رھيو آھي ان جو زميوار ڪير آھي، ھن چيو ته ماڻي معاھدي تي آئيني ۽ قانوني ڪور حاصل آھي پنجاب جا حڪمران پئيڻ جي پاڻي جي کوٽ جا ذميوار آھن، ھن چيو ته ايريگيشن سيڪريٽري ۽ وزير اعلي سنڌ چوي ٿو ته پنجاب پاڻي چور آھي آخر ۾ رياض چانڊيو چيو ته 22 مئي تي آبادگار، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا جي دوستن کي دعوت عرض رکجي ٿي ته ھن عوامي مظاھري ۾ شرڪت ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.