جوهي تعلقي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف مظاهرو، ڌرڻو

جوهي   ( ن ع آ  ) جوهي تعلقي ۾ زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي انتهائي شديد کوٽ  خلاف ايس ٽي پي جي ڏنل احتجاجي سڏ تي ايس يو پي جسقم شھري واپارين ايس ٽي پي اڳواڻ ڪامريڊ يونس سولنگي ، ڪامريڊ غلام قادر لغاري ، ڪامريڊ خادم باھوٽو، ڪامريڊ افضل بروھي ، جمن ٻٻر، ذوالفقار روستماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد مخدوم بلاول پارڪ کان ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪري  نيشنل پريس ڪلب جوهي آڏو ڌرڻو ھنيو ويو ، انھي موقعي تي مظاھرين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو  ته وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين ۽ ھٺ ڌرمي سبب سنڌ ۾ ھن وقت پاڻي جي شديد کوٽ آھي ارسا پنجاب جي بي ٽيم بڻجي وئي آھي ،مظاھرين خبردار ڪيو ته اگر سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نه ڏنو ويو ته سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا ڪري سنڌ پنجاب بارڊر به بند ڪري سگھون ٿا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.