بجلي شارٽ فال وڌي ويو، سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ 10 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال وڌي ويو، سسٽم ۾ 5 هزار 300 ميگاواٽ جي لاٿ ٿي وئي آهي، جنهن سبب مختلف علائقن ۾ 10 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، پاور ڊويزن جي ذريعن موجب بجلي جي پيداوار 20 هزار 757، جڏهن ته گهرج 26 هزار ميگاواٽ آهي، هن وقت بجلي جو شارٽ فال 5 هزار 300 ميگاواٽ تائين پهچي ويو آهي، جنهن سبب لوڊشيڊنگ جو وقت وڌايو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي گهرن مان پيداوار 11 هزار 717 ميگاواٽ، نيو ڪليئر تان 2 هزار 372 ۽ ونڊ ٽربائين مان 535 ۽ سولر پلانٽس مان 114 ميگاواٽ، جڏهن ته پن بجلي ذريعن مان 4 هزار 737 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، اهڙي طرح سرڪاري ٿرمل پاور پلانٽس مان 821 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، ذريعن موجب خانگي شعبي جي بجلي گهرن مان 11 هزار 717 ميگاواٽ آهي، مجموعي طور تي بجلي جي پيداوار 36 هزار 39 ميگاواٽ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.