لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ جي باغي ميمبر عامر لياقت هميشا لاءِ ملڪ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ عامر لياقت چيو ته پنهنجي ٽئين زال سان هلندڙ تڪرار بابت پاڪستان جي سرزمين تان پنهنجو آخري بيان جاري ڪندس، ان کانپوءِ هميشا لاءِ هليو ويندس، عامر لياقت هيش ٽيگ ۾ الله حافظ پاڪستان به لکيو آهي.