نور عالم خان تي مبينا حملو، بچاءُ ۾ ڳوٺاڻا هٿيار کڻي نڪري آيا

پشاور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باغي ميمبر نور عالم خان تي مبينا طور حملو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پشاور ۾ پي ٽي آءِ جي باغي ميمبر نور عالم خان جي ڳوٺ تي حملو ٿيو، جنهن کانپوءِ مبينا طور ڳوٺ جا ماڻهو نور عالم خان جي دفاع لاءِ ڏنڊا ۽ هٿيار کڻي نڪري آيا ۽ مورچا بند ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ صورتحال انتهائي ڇڪتاڻ واري ٿي وئي آهي. عوامي آواز جي ذريعن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نور عالم خان جو چوڻ هو ته عمران خان خيبر پختونخواهه اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر محمود جان کي مون تي حملو ڪرڻ جو چيو، جنهن بعد پي ٽي آءِ جي ماڻهن مون تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. نور عالم چيو ته مان پوليس وٽ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، چاهيان ٿو ته حملو ڪندڙ اچن، اسان سان مقابلو ڪن، پشاور ته ڇا سڄي خيبر پختونخواهه ۾ توهان کي ڏسي وٺندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.