پني عاقل لڳ عورتن تي تشدد، سونا زيور ڇني ڦر، ڌمڪيون، احتجاج

پنوعاقل ( رپورٽ: نور محمد سومرو ) پنوعاقل ٿاڻي جي حد ڳوٺ يعقوب انڍڙ جي رھواسين ساماڻو انڍڙ،محمد فاضل،مائي ريمه،جانل،اتر ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي  پريس آفيس ۾ پھچي احتجاج ڪندي چيو ته گذريل ڏينھن ھٿياربندن لالوءُ،نور حسن،تنوير،علي حسن تنيو ۽ ٻين ڏينھن ڏٺي جو اسان جي گھر ۾ گھڙي ھٿيارن جي زور تي گھرڀاتين تي ڪنٽرول ڪري عورتون جي ڪنن ۾ پاتل سونا زيور ڇني روڪ رقم ۽ ٻيو گھر سامان کڻي تشدد ڪرڻ بعد فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان ھڪ ڦورو لالوءُ تنيو کي پڪڙي پنوعاقل پوليس حوالي ڪيو،ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته گھر مان ڌاڙو ھڻندڙ تنيا سخت نتجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ۽ اسان کي کين مان خطرو آھي،ھنن وڌيڪ چيو ته اسان کي انصاف ڏئي جوابدارن کي سوگھو ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو ڏنو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ ڊي آءِ جي سکر جي آفيس آڏو مرڻ گھڙي تائين احتجاج ڪنداسون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.