قمبر (ت ر) پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي جنرل سيڪريٽري محمد پنھل سومرو جو سوُٽ حاجي عبدالستار سومرو ستر ورهين جي ڄمار ۾ اوچتو دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو جنھن جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن صحافين عزيزن وڏي انگ شرڪت ڪئي مرحوم کي اباڻي ڳوٺ ڀاوندا لاکا ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو سندس جو تڏو سومرا هائوس قمبر ۾ رکيو ويو جتي تعزيت جو سلسلو جاري آهي.
-
مانجهند ٽائون ڪميٽي جو سينئر ڪلرڪ دل جو دورو پوڻ سبب فوت
مانجهند (ن ع آ) مانجهند ٽائون ڪميٽي جو سينئر ڪلرڪ شاهه لطيف ايمپلائيز يونين جو صدر ڪريم بخش عرف جاني ڇڇر ڳوٺ وڏا ڇڇر ۾َ دل جو دورو پوڻ سبب 46 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو جنهن جي جنازي نماز ۾ وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻن علائقي واسين لوڪل گورمنٽ کاتي جي ملازمن شرڪت ڪئي جنهن بعد مڙھ جي وڏا ڇڇر جي سخي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي سندس ڀائرن امير بخش ڇڇر رحيم بخش ڇڇر گلزار ڇڇر ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آھي.