سنڌ زڪوات ڪائونسل جي ٽيم پاران ٿيليسميا ڪيئر سينٽر نوابشاھ جو دورو ڪيو

سنڌ زڪوات ڪائونسل جي ٽيم ميڊم شمع عارف مٺياڻي جي سربراهيءَ ۾ مفتي فيروزالدين هزاروي ۽ اشفاق احمد اِسراڻ سان گڏ ٿيليسميا ڪيئر سينٽر نوابشاھ جو دورو ڪيو جتي پروفيسر ڊاڪٽر علي بخش سومرو ۽ ڊاڪٽر محمد صادق سيال سندن آڌر ڀاءُ ڪرڻ بعد کين سينٽر جي مختلف شعبن جو معائنو ڪرايو

ان موقعي تي غلام نبي چنه ٽيم کي سينٽر جي بلڊ بينڪ ، ليبارٽري ، آئي سي يو ۽ وارڊن سميت کين مڪمل ڄاڻ ڏني ۽ سينٽر جي ڪارڪردگي ٻڌائي

ميڊم شمع عارف  جو چوڻ هو ته سينٽر جي ساراھ ته اڳي ٻُڌل هئي ۽ اعتماد به هو پر اڄ اکين سان ڏسي ويساھ ٿيو آهي هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته   اسين سينٽر مان مڪمل مطمئن آهيون ان شاء الله واپس وڃي سنڌ سرڪار کي ڪارڪردگي ٻڌائڻ بعد سنڌ زڪوات ڪائونسل کي سينٽر جي سالياني زڪوات فنڊ جي اضافي جي سفارش ڪنداسين

اجڏھن ٽيم سينٽر پهتي ته ٿيليسميا جي ٻارڙن ماسٽر دانش تنيو ۽ بي بي ڪرن کين گلن جا تحفا پيش ڪيا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.