ٻار پيدا ڇو نٿا ڪريو؟ همراهه پٽ ۽ نُنهن خلاف عدالت پهچي ويو

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ پيرسن جوڙي پنهنجي پٽ ۽ ننهن خلاف عدالت سان رابطو ڪري ورتو آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته سندن پٽ هڪ سال ۾ جيڪڏهن کين پوٽي جي خوشخبري نه ٻڌائي ته هو پنج ڪروڙ رپيا ڏنڊ ڏئي.

سنجيو ۽ سندس زال سڌانا پرساد موجب هو پنهنجي زندگي جي ڪمائي گڏ ڪري پٽ تي خرچ ڪري ٿڪجي پيا آهن، قرض وٺي پٽ جي تعليم پوري ڪئي، کيس آمريڪا مان پائليٽ جو ڪورس ڪرايو ۽ سندس شاهاڻي انداز ۾ شادي ڪرائي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سندن پٽ ان جي ادائيگي ڪري.

ڀارت جي هڪ عدالت ۾ سنجيو ۽ سندس زال گذريل هفتي پٽ ۽ ننهن خلاف درخواست داخل ڪرائي.

سندن موقف آهي ته هنن جي پٽ جي شادي کي ڇهه سال گذري ويا آهن پر هن هيل تائين ٻار پيدا ڪرڻ جو ناهي سوچيو.

درخواستگذارن جو چوڻ آهي ته هو چاهين ٿا ته سندن ڪو پوٽو يا پوٽي هجي، جنهن سان هو وقت گذاري سگهن ته جيئن سندن تڪليفون گهٽجي وڃن.

هنن پٽ کان مختلف مد ۾ معاوضي جي واپسي جي به گهر ڪئي آهي، جنهن ۾ پٽ جي فائيو اسٽار هوٽل ۾ شادي، 80 هزار ڊالر ماليت جي لگزري ڪار ۽ هني مون لاءِ پرڏيهه موڪلڻ جا خرچ شامل آهن.

جوڙي جي وڪيل اروند ڪمار جو چوڻ آهي ته سندن درخواست تي عدالت 17 مئي تي ٻڌڻي ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.