¨ 14 مئي 1879ع تي شڪاگو ۾ آرٽ انسٽيٽيوٽ قائم ٿيو.
¨ 14 مئي 1907ع تي پاڪستان جي اڳوڻي صدر فيلڊمارشل محمد ايوب خان جو جنم ڏينھن آهي.
¨ 14 مئي 1914ع تي مشھور اديب، مير گل خان نصير جو جنم ڏينھن آهي.
¨ 14مئي 1923ع تي مارنل سين، ڀارتي فلم ڊائريڪٽر جو جنم ڏينهن آهي.
¨ 14 مئي 1943ع تي سنڌ جي پھرين وزيراعظم الله بخش سومرو کي شڪارپور ۾ شھيد ڪيو ويو.
¨ 14مئي 1948ع تي اسرائيل جي پهرين وزيراعظم ڊيوڊ بين-گورين صيهوني رياست قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
¨ 14 مئي 1950ع تي پاڪستان جي قومي تراني جي خالق ابوالاثر حفيظ جالنڌري جي گولڊن جوبلي ملهائي وئي.
¨ 14 مئي 1963ع تي ڪويت اقوام متحده جو رڪن بڻيو.
¨ 14مئي 1973ع تي آمريڪا خلائي اسٽيشن اسڪائي ليب ون کي خلا ۾ موڪليو.
¨ 14 مئي 1992ع تي غزل جو شهنشاهه ۽ صحافي فيض بخشا پوري ولد مهدي خان ڊومڪي بلوچ وفات ڪئي.
¨ 14 مئي 1995ع تي موسيقار ۽ راڳي استاد مٺو ڪڇي اصل نالو محمد اسحاق ولد محمد بچل ڪڇيءَ جو وڇوڙو ٿيو.
¨ 14مئي 2017ع تي پاڪستاني نعت خوان منيبه شيخ جو وڇوڙو ٿيو.
¨ 14مئي 2021ع تي نامور ڪارٽونسٽ، فنڪار ۽ مزاح نگار فاروق قيصر جو وڇوڙو ٿيو.