چئُه! جو توکي چوaڻو آ……

مبين اڄڻ

17انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ ،مانجھند خوني روڊ آخر ڪير ٺھرائيندو؟

سنڌ ۾ ٿيندڙ اڪثر روڊ حادٽا ڪا نئين ڳالهه ناھي ، ھتڙي لاقانونيت جو راڄ ھجڻ ڪري ڏينھن ڏٺي جو ڦرجڻ مرڻ ڄڻ ته معمول جو حصو بڻجي چڪو آهي.

سال جي ٽي سئو پنجهٺ ڏينھن ۾ ڪيترن ئي روڊ حادثن جي ڪري انساني جانين سميت ڪيترائي خاندان وقت کان اڳ اجڙي وڃن ٿا. آخر روڊ حادثن کي روڪڻ ڪنھن جو ڪم آھي؟ اڪٽر روڊ حادثن جا ٻه قسم ٿين ٿا، ھڪ ڊائيورن جي غير ذميواري يعني تيز رفتاريءَ ۽ ٻي روڊن جي مرمت نه ھجڻ ڪري زبون حالي روڊ حادثن جو سبب بڻجي ٿي. سنڌ جا حڪمران ساڳي پنھنجي پراڻي روش ورجائيندي ھڪ تعزيتي بيان جاري ڪري ڇڏڻ سان گڏ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏين ٿا جيڪو ڪجھه ڏينھن اندر قصو ٺاپرجي وڃڻ ڪري جوڙيل ڪميشن پڻ ختم ٿي وڃي ٿي ؟

ٿيڻ ته ائين کپي جو روڊ حادثن جي ذميوارن ٺيڪيدارن راشي ڪامورن ۽ ڊرائيورن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن پر افسوس ان جي ابتڙ سزائون ته پري پر حادثاتي موت مرندڙ ماڻھن کي معاضو به نه ٿو ڏنو وڃي جنھن سان ھڪ گھمندڙ ڦرندڙ روزانو ڪمائي کائيندڙ گھر ھلائيندڙ ماڻھو احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿي ڪيترن موضي مرضن جي ور چڙهي تڙپي تڙپي مري وڃي ٿو

مانجھند سن روڊ وٽ ڊبل روڊ نه ھجڻ ڪري ٽرڪ ۽ ويگن ۾ زوردار ٽڪر ٿيڻ ڪري 17انساني جانيون موت جي ور چڙھي ويون جن ۾ ھڪ عورت ٻار سيمت سڀئي نوجوان مزدور ٻڌايا وڃن ٿا . مانجھند روڊ تي اڪثر روڊ حادثا ٿيندا رھندا آھن

جنھن جون خبرون اخبارن توڙي سوشل ميڊيا تي اينديون رھيون آھن پر حڪومت جي ساڳي ڪن لاٽار جاري رھندي پئي اچي .

چون ٿا ته ھي روڊ وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه صاحب جي تڪ ۾ اچي ٿو جيڪو مسلسل ٻيو ڀيرو وزيراعلي جي ڪرسي تي براجمان آھي .پر افسوس سائين جن خزاني جي صوبائي وزير ،وزيراعلي ھجڻ باوجود روڊ ڊبل نه ڪرائي سگھڻ پڻ سندن ڪارڪردگيءَ تي ھڪ وڏو سواليه نشان آهي؟

اسين سنڌ جي وزيراعلي صاحب ۽ ٽرانسپورٽ  وزير صاحب کي پرزور اپيل ٿا ڪريون ته في الفور تڪڙن بنيادن تي ھن خوني روڊ کي ڊبل ڪرايو وڃي، جئين مستقبل ۾ انساني جانين جو نقصان وڌيڪ ٿي نه سگھي ۽ مانجھند روڊ حادثي ۾ پنھنجون جانيون وڃائيندڙ خاندانن کي پنج لک وظيفي سان گڏ سندن پونيرن کي سرڪاري ملازمتون ڏنيون وڃن جئين اهي ايندڙ وقت ۾ ٻين جي آڏو ھٿ ٽنگڻ کان بچي سگھن .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.