گڏيل عرب امارات جي حڪمران زيد بن النهيان جو لاڏاڻو

گڏيل عرب امارات جو صدر ۽ ابو ظهبي جو حڪمران خليفو  بن زيدالنهيان ڪالهه جمعي واري ڏينهن وفات ڪري ويو ،هن جي عمر 73 سال هئي. النهيان خاندان جو شمار دنيا جي دولت مند خاندانن ۾ ٿئي  ٿو.النهيان خاندان جي دولت جو ڪاٿو 150 ارب ڊالر ز ٻڌايو وڃي ٿو.

شيخ خليفي بن زيد تي 24 جنوري 2014 تي فالج جو حملو ٿيو هو جنهن ۾ سندس صحت ڪافي متاثر ٿي هئي.هو ڳچ عرصي کان عوامي سطح تي نه ايندو هو،هو بيماريءَ سان گهڻي وقت کان جهڙيندو رهيو . سندس بيماريءَ بعد هن جي ماٽلي ڀاءُ سمورا فرض سنڀالي ورتا هئا جيڪو سندس جاءِ تي انچارج طور ڪم ڪندو هو

گڏيل عرب امارات جي صدارتي معاملن واري وزارت هن جي وفات جي تصديق ڪئي آهي،گڏيل عرب امارات پاران ان ڏک ۾ چاليهن ڏينهن جي سوڳ جو علان ڪيو ويو آهي.

هن 3 نومبر 2004 تي گڏيل عرب امارات جي صدارت جو منصب ۽ ابوظهبي جي حڪمراني جي واڳ سنڀالي هئي، ان کان اڳ سندس والد شيخ زيد انهن عهدن تي ڪم ڪري رهيو هو.خليفو بن زيد النهيان گڏيل عرب امارات جي حڪمران جو وڏو فرزند هو ، جيڪو 1948 ۾ ڄائو هو.هو گڏيل عرب امارات جو ٻيو ۽ ابوظهبي جو سورهون حڪمران هو .شيخ خليفو ٻيو ڀيرو 2009 ۾ گڏيل عرب مارات جو پنجن ورهين جي لاءِ  صدر چونڊيو ويو  هو. گڏيل عرب جي حڪمرانيءَ واري واڳ سنڀالڻ کانپوءِ هن عرب امارات ۽ ابوظهبيءَ ۾ بهترين حڪمراني ڪئي، سندس ترقياتي پروگرام،تعليمي پاليسيون ۽ سماجي ڀلائي جي ڪمن جي  سموري دنيا ۾ واکاڻ ڪئي ويندي هئي.هن پنهجي دور حڪمرانيءَ ۾ سامونڊي پٽي وارن وارياسي علائقن کي اهڙي حڪمت عملي سان اڳتي آندو جو هن رياست جا شهري ان تي فخر ڪندا هئا.

1971 ۾ عرب دنيا جي هنن ننڍڙين رياستن گڏجي ڪري هڪ گڏيل يونين قائم ڪئي جنهن جو پهريون حڪمران شيخ زيد بن سلطان النهيان بڻيو هو، ان وقت ئي خليفو بن زيد النهيان کي سندس جانشن مقرر ڪيو ويو هو. هو 2 نومبر 2004 تي فوت ٿيو، جنهن بعد هن رياست جي واڳ سندس پٽ جي حوالي ٿي هئي.گڏيل عرب امارات جي هن حڪمران شهرين جي ڀلائي لاءِ گهڻيون ئي رٿائون جوڙيون ۽ ترقيءَ جا عالمي اصول ۽ جٽادار ترقيءَ کي نظر م رکي ڪم ڪيو.تيل ۽گئس جي شعبي ۾ هن ننڍين صنعتن کي هٿي ڏني جنهن سان ملڪ جي معيشت گهڻ رخي ترقي ڪئي، ان سان ملڪ جي معاشي ميدان ۾ هاڪاري استحڪام آيو.

عرب ٻيٽ جي هڪ خاص پٽي تي ست ننڍڙيون رياستون آهن جيڪي اوڻيهين صديءَ جي آخر ۽ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ آهستي آهستي آزادي سان همڪنار ٿيون، ان کان اڳ انهن رياستن تي برطانيا جو قبضو رهيو هو.انهن ستن رياستن ۾ ابو دبئي، ابو ظهبي،عجمان ،ام القواين،شارجا،فجيره ۽ راسد االخيمه شامل آهن، ڊسمبر 1971 ۾ پهرين ڇهن رياستن هڪ گڏيل فيڊرشن جوڙي جنهن جو صدر مقام ابوظهبي قرار ڏنو ويو ، انهي فيڊريشن ۾ راسد الخيمه رياست بعد ۾ شامل ٿي هئي.فيڊريشن يا گڏيل عرب امارات جي حڪمران کي اهي سموريون رياستون گڏجي مقرر ڪن ٿيون،ابو ظهبي نه رڳو هن يونين جي راڄڌاني آهي پر اها ٻين رياستن کان وڏي پڻ آهي.

جيڪي ماڻهون ڪرڪيٽ سان دلچسپي رکن ٿا اهي هر صورت ۾ شارجا جي نالي کان وقف هوندا جتي شارجا ڪپ ٿيندو رهيو آهي، هنن مان هر ڪنهن رياست جي هڪ انفراديت آهي،عام طور تي ابو دبئي جي نالي کان ته هر ڪو واقف هوندو، هاڻي به دنيا ۾ جتي ٻيا شهر مشهور آهن اتي دُبئي جي به پنهنجي هڪ جدا شهرت آهي، چوڻ ۾ ته هي اسلامي رياستون آهن پر اتي جي رواجي زندگي گهڻي اڳتي نڪري وئي آهي، دنيا جي هر نوعيت جي ترقي هتي نظر ايندي، هتي جي عام زندگي يورپ واري آهي جتي قانون تي عمل به ٿئي ٿو ته هر شهري کي فردي آزادي پڻ آهي، مذهبي ڪٽر پڻي جو ڪو تصور نه هئڻ جي ڪري دنيا جي وڏين ڪمپنين جون آفيسون،قيام جي لاءِ بهترين هوٽلون، سٺيون اسپتالون،جديد تعليم جي سهولتن وارا سسٽم هن رياست ۾ موجود آهن،، جنهنڪر ي هن رياست ۾ ٽوئرزم کي وڏي هٿي ملي ٿي.دبئي کي ”دنيا جو زيور “چيو وڃي ٿو.عجمان رياست ۾ پهاڙِن  جا سلسلا آهن،ام القواين سڀني کان ننڍڙي رياست آهي،

هنن رياستن جو آدم ڪجهه وقت اڳ تائين هيرن جواهرن جو ڪاروبار ڪندو هو،جديد دنيا هتي تڏهن آباد ٿي جڏهن هنن رياستن مان معدني دولت نڪتي، جنهن ۾ گئس ۽ تيل شامل آهن. هي گرم ترين علائقا آهن، جتي اڳ ۾ گهڻو ڪري کجور جا وڻ هوندا هئا جنهن جو به واپار ڪيو ويندو هو.

1950 کانپوءِ جڏهن سعودي عرب مان تيل نڪتو ته ان بعد دنيا جي تيل ڳولا ڪندڙن ڪمپنين هن پاسي ڌيان ڏنو ۽ تيل جي ڳولا ۾ ڪاميابي ماڻي.1962 ۾ ابوظهبي مان تيل جي پهرين کيپ ملي هئي.هنن رياستن جو گهڻو پٽ وارياسو آهي جتي برسات نالي ماتر پوي ٿي. راس الخيمه جي ڪجهه علائقن تي ايران جي مالڪي جي دعويٰ آهي، اهو جهيڙو هڪ عرصي کان هلندڙ آهي جنهن جو تاحال نبيرو نه ٿي سگهيو آهي.

ٿورن وسيلن وارين ستن ننڍن رياستن تي ٻڌل هي ملڪ هن وقت هر طرح هڪ جديد ملڪ سان مقابلو ڪري سگهي ٿو، هتي هر قسم جي ترقي ٿي رهي آهي، هن وقت دنيا جا ڪجهه اوچا ٽاور، وڏيون عمارتون ۽ دنيا جون بهترين بيچ به هتي آهن. جنهنڪري گڏيل عرب امارات دنيا جو هڪ جديد نمونو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.