سنڌ کي پاڻي جي ضرورت آهي

سجاد کوسو

سنڌ صوبي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو معيار پاڪستان جي ٻين صوبن وانگر بلڪل نه آهي، موجود پاڻي جو وڏو حصو ڪيميڪل ۽ زهريلي مواد سان آلوده آهي. ڪيترن ئي تحقيقن مان معلوم ٿيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي معيار کي خراب ڪرڻ ۾ گدلاڻ جا چار اهم سبب آهن يعني 70 سيڪڙو بيڪٽيريا، 25 سيڪڙو  نائٽريٽ ۽ فلورائيڊ آهي، تحقيق ڪيل پاڻي جي سمورن نمونن مان 78 سيڪڙو پيئڻ لاءِ غير محفوظ معلوم ٿيا آهن، 1991ع جي پاڻي جي ورهائڻ واري معاهدي مطابق پاڪستان جي صوبن ۾ پاڻي جي ورهائڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون هيون جنهن موجب سنڌ کي 42 سيڪڙو پاڻي ملندو. اهو معاهدو 1991ع ۾ ٿيو جنھن وقت سنڌ جي آبادي 30 ملين جي لڳ ڀڳ هئي، اڄ 2022 جي آدمشماري موجب سنڌ جي آبادي 47.8 ملين آهي. اڃا تائين پاڻي جي دستيابي تي نظر ثاني نه ڪئي وئي آهي آبادي جي واڌ، تيز صنعتڪاري ۽ شهري آبادي جي لحاظ کان جيڪو صوبي ڏٺو آهي ته آباديءَ ۾ مسلسل تيزيءَ سان واڌ ۽ پاڻيءَ جي شعبي تي اثرانداز ٿيندڙ واحد سڀ کان اهم قوت آهي جنهن ۾ وڌندڙ مطالبن جو اثر زرعي پيداوار ۽ غير زرعي پاڻي جي خدمتن تي هوندو.

مجموعي طور تي سنڌ ۾ صرف 40 سيڪڙو گهرن وٽ نل جو پاڻي آهي ۽ اهو انگ گهٽجي گهٽجي 9 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي جيڪڏهن رڳو ٻهراڙيءَ جي حوالي سان غور ڪيون ته زراعت جي شعبي ۾ پاڻي جو سڀ کان وڏو استعمال ڪندڙ موجوده ڪئنال جي نظام جي ڪارڪردگي 34 سيڪڙو ناقص آهي ۽ ان کي بهتر ڪرڻ جي ضروري آهي ۽ سنڌ جي بنجر علائقن تائين وڌايو وڃي، هتي جي آبادي پاڻي جي کوٽ ۽ لوڻ جي مسئلن جي ڪري تمام گهڻو متاثر ٿي رهي آهي ۽ ڪيترن ئي موقعن تي هارين فصلن جي پوک لاءِ لوڻ ۽ آلوده پاڻي استعمال ڪري رهيا آهن، پاڻي جي وسيلن جي انتظام جي باري ۾ سوچڻ ۾ هڪ مثالي تبديلي جي ضرورت آهي. پاڻي کي گهڻو وقت کان صرف قومي سلامتي جي حوالي سان سمجهيو ويو آهي، سڄي پاڪستان ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي وسيلن جي ڪمزور انتظام جي سماجي ۽ ماحولياتي خرچن کي اجاگر ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.

ڪجهھ وقت پهريان پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر ريسورسز پڌرو ڪيو ته سنڌ جي 15 ضلعن مان گڏ ڪيل پاڻي جا 80 سيڪڙو نمونا انساني استعمال لاءِ مناسب نه هئا. هن مان وڌيڪ معلوم ٿيو ته ڪراچي ڪهڙي وڏي شهر ۾ 90 سيڪڙو پاڻي غير محفوظ آهي. ان کان علاوه سنڌ جي اسپتالن ۾ استعمال ٿيندڙ پاڻي جو 78 سيڪڙو گندو ۽ غير معياري مليو، ٿرپارڪر ۾ هر سال ڪيترائي ٻارڙا ۽ عورتون فوت ٿي وڃن ٿيون، جتي پاڻي نه هجڻ ڪري ٿرٿلو مچي ويو آهي. پاڻي جي کوٽ ۽ کاڌ خوراڪ جي کوٽ سبب علائقي جا ماڻهو سخت غذائيت جا شڪار آهن، ملڪ پنهنجي منظور ڪيل پائيدار ترقيءَ جا گول نمبر 6 حاصل ڪرڻ کان پري آهي، جيڪو سال 2030 تائين سڀني لاءِ پيئڻ جي صاف ۽ سستي پاڻي جي پهچ جو واعدو ڪري رهيو آهي ان سان گڏ پاڻي سڌو سنئون صنعتي، شهري ۽ ٻين سرڪاري شعبي جي استعمال جي نمونن ۽ طريقن سان ڳنڍيل آهي، انهن شهري ۽ فيڪٽرين مان پيدا ٿيندڙ فضول ۽ گندو پاڻي آخرڪار پاڻي جي ذخيرن ۾ بغير ڪنهن ٽريٽمينٽ جي اڇلايو ويندو آهي، اهڙيءَ طرح استعمال ڪندڙن جي زنجير هيٺان ٻين ماڻهن لاءِ پاڻي جو ذريعو گدلو ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ مٺي پاڻيءَ جون ٻه وڏيون ڍنڍون ڪينجهر ۽ هاليجي سنڌ ۾ موجود آهن تنهن هوندي به سنڌو درياهه مان پاڻيءَ جي گھٽتائي انهن آبي زمينن ۽ انهن جي آس پاس جي ماحولياتي نظام کي متاثر ڪري رهيو آهي. پاڪستان جي ٻين صوبن جي برعڪس سنڌ کي پاڻي جي گھٽ ۾ گھٽ ماحولياتي وهڪري جي ضرورت آهي ته جيئن انڊس ڊيلٽا جي مينگروز ۽ ساحلي آبي زمينن جي مناسب ڪارڪردگي ۽ صحت کي برقرار رکيو وڃي. انهن مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍن کي تباهي ۽ وڌيڪ استحصال کان بچائڻو آهي ڇاڪاڻ ته اهي نه رڳو مڇي مارڻ ۾ ڪم اچن ٿا پر پاڻيءَ جي ماحولياتي نظام جي قدرتي توازن کي برقرار رکڻ لاءِ به تمام ضروري آهن. سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملڻ سبب سنڌو درياءَ جي خشڪي ۽ آبادگارن جون پريشانيون صاف نظر اچي رهيو آهين تمام گهٽ آبادي ٿيڻ جو سبب پاڻي جو گهٽجڻ آهي جيڪو بيروزگاري جو سبب بڻجي ٿو، سنڌ جا ڪيترائي علائقا جتي سنڌو نديءَ ۾ پاڻي نه اچڻ سبب جر جو پاڻي به تمام گھٽ ۽ لوڻياٺ آھي، پاڻي جو گهٽجڻ سبب فصل جو گهٽجڻ ۽ پاڻي جو معيار خراب ٿيڻ جو نتيجو اسان جي علائقن ۾ ڪيتريون ئي جانيون جو نقصان ٿئي پيو. اميد آھي ته سنڌ حڪومت سنڌ مان پاڻي جي کوٽ وارو مسئلو حل ڪرڻ ۾ ڪم ڪندي، ھن وقت ساري/چانور سميت مختلف فصل پوکڻ جي مند آھي، هن وقت مختلف فروٽن جي باغ کي ۽ ڀاڄين ۽ ٻين فصلن کي پاڻي جي سخت ضرورت آھي، پاڻي جو مسئلو حل نه ڪيو ويو ته سنڌ جا تمام علائقا وڌيڪ شدت واري زندگي ۾ مبتلا ٿي ويندا.

ان ڪري سنڌ حڪومت ھن پاڻي جي مسئلي کي ھلڪو وٺڻ بجاءِ اوليت جي بنيادن تي کڻي ۽ جلد حل ڪري، موسمي تبديلين ڪري ايندڙ زرعي پاڻي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته سنڌ حڪومت زراعت ۽ آبپاشي کاتن کي جديد سائنسي بنيادن تي منظم ڪري. ٻي صورت ۾ سنڌو درياهه تي هيٺين ڀر واري ڌر هئڻ ڪري نقصان ۾ رهندي ۽ صوبي ۾ بک ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو. ائين نه ڪيو ويو ته پوءِ سنڌ ۾ اٿوپيا جھڙين حالتن کي ڪير به نٿو روڪي سگھي جنهنجي نتيجن تمام گھڻيون زندگيون خطري ۾ آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.