بدين ۾ پورهيت قتل، شٽر بند هڙتال، سوين ماڻهن پاران لاش رکي 3 ڪلاڪ ڌرڻو

بدين (رپورٽ رازق ڏنو کوسو) شهر ڀرسان هڪ رات ۾ موٽر سائيڪل ڦر جون ٽي وارداتون مزاحمت  سبزي کڻي ايندڙ پورهيت قتل شهر ۾ شٽر بند هڙتال جو لاش رکي ڌرڻو سخت نعريبازي، تفصيل موجب بدين ۾ شهرين جي موٽرسائيڪل چوري جي وارداتن ۽ پوليس طرفان ملوث جوابدارن خلاف ڪاروائي ۾ دلچسپي نه وٺڻ سبب بدين ۾ موٽر سائيڪل جي ڦر جون واڌايون پڻ وڌي ويون جنهن دوران جمع جي ڏينهن فجر ٽائم تي موٽر سائيڪل رڪشا تي سبزي کڻي بدين طرف ايندڙ  ڳوٺ عيسي سومرو جي پورهيت نوجوان محمد قاسم سومرو کي ڳوٺ پير بخش مغيري وٽ هٿياربندن روڪي موٽر سائيڪل رڪشا ڦر ڪرڻ جي ڪوشش جنهن دوران مزاحمت تي جوابدرن نوجوان تي پسٽل جا سڌا فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا نوجوان جي اھڙي قتل جي خبر علائقي ۾ باھ جيان پکڙجي وئي مقتول جي سول اسپتال مان نڪرندڙ مڙھ تي معصوم پٽن جي دانهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد سوين شهري مڇرجي پيا  شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري شهرين واپارين سول سوسائٽي مختلف سياسي تنظيمن سومرا برادري جي نوجوانن طارق خليفه ميمڻ دانشور سومرو ڊاڪٽر نور علي سومرو جي اڳواڻي ۾ مقتول نوجوان جو لاش ايمبولينس ۾ رکي ڌرڻو هنيو پورهيت جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي شهرين جو چوڻ آهي هو پرامن بدين ضلعي جو امن موڪلائي ويو آهي ضلع سماجي براين توڙي چورين بعد ڦر جا واقعا وڌي ويا آهن ضلع ۾ بدامني جو راڄ قائم آهي اڄ هڪ ڀيرو وري هڪ سبزي وڪڻدڙ مزدور ڦورن جي گولين جو کاڄ بڻجي ويو آهي  پر پوليس ضلع ۾ بدامني کي ٻنجو ڏيڻ بجاءِ وڏيرن چونڊيل نمائيندن جي ڪمداري ڪرڻ ۾ رڌل آهي هنن مطالبو ڪيو ته شهيد قاسم سومرو جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن نه ته هو ڌرڻو ختم نه ڪندا جڏهن ڌرڻي۾ ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح پڻ مقتول پورهيت جي وارثن سان يڪجهتي طور شرڪت ڪئي 45 سينٽي گريڊ ۾ ٽي ڪلاڪ جي ڌرڻي بعد ايس ايس پي شاهنواز چاچڙ وڏي وزير جو خاص معاون پير نور الله قريشي پ پ پ صدر حاجي رمضان چانڊيو ڌرڻي واري هنڌ پهچي شهرين سان ڳالهيون ڪري 48 ڪلاڪن اندر اصل جوابدر گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ تي ڌرڻو ختم ڪرايو ياد رهي مقتول جي قتل کان ڪجهه ڪلاڪ پهرين ڪڍڻ روڊ تي آرمي شگر مل بورڊ ويجهو 3 نامعلوم وارڊ نمبر 6 ڳوٺ ڀانداپور جي رهواسي نوجوان محمد پٽ نور محمد سومرو کان موٽرسائيڪل موبائل فون روڪ رقم ۽ پرس جڏهن ته ٽنڊوباگو روڊ تي ٻاجهي فقير اسٽاپ وٽ ڳوٺ ماستر محمد خان بڪاري جي رهواسي درزي عبدالله بڪاري کان پڻ موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته ڌرڻي ختم ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪن اندر شهر جي ٻڪرا پڙي وٽ  نوراني مسجد ٻاهران نامعلوم چور اسٽاٽر گل حسن ملاح جي موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا ياد رھي ته ٻه ڏينهن اڳ ۾ نامعلوم جوابدار ڏينھن ڏٺي جو ڊي سي آفيس پويان پوليس اهلڪار عزيز چانڊيو جي موٽرسائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا جن جو هن مهل تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.