بلڙي ۾بيروزگاريءَ کان تنگ نوجوان جو آپگهات

بُلڙي شاھ ڪريم (رپورٽ: احسان علي انصاري) بُلڙي شاھ ڪريم ۾ مھنگائي بيروزگاريءَ کان تنگ ٿي  ٽيھ سالا ڳڀرو نوجوان فياض ملاح ڦاھي تي لٽڪي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو. تفصيل موجب بُلڙي شاھ ڪريم جي مير بحر محلا جي رهواسي ٽيھ سالا فياض پٽ رمضان ملاح مھنگائي بيروزگاريءَ کان تنگ ٿي گذريل رات درگاھ شاھ عبدالڪريم ڀرسان شاھ عبداللطيف ھجري جي احاطي ۾ سيوري جي وڻ ۾ ٽنگيل لاش ھٿ آيو. علائقي جي مقامي ماڻھن جي پاران اطلاع ڏيڻ تي حد جي بُلڙي پوليس پھچي لاش کي  کڻائي بلڙيءَ جي رورل هيلٿ سينٽر تي آندو جتي ڊاڪٽرن سميت ڪو بہ عملو موجود نہ ھجڻ ڪري لاش کي ٻيھر بُلڙي پوليس ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ٽنڊو محمد خان کڻائي وئي جتان کيس ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش پوليس کڻائي وارثن حوالي ڪيو. وارثن موجب آپگهات ڪندڙ نوجوان ڪار جو ڊرائيور ھو جڏھن تہ نينگر غربت سبب پريشان رھندو ھو جنھن ڪري ھن وقت تائين کيس غير شادي شده رھيو جڏھن تہ شھر ۾ اھي پڻ چوٻول ھلي رھيا آھن تہ نينگر ڀنگ سميت چرس جو نشو پُڻ ڪندو ھو جنھن ڪري سندس ذھني توازن ڪجھ اڻپورو ھو . نوجوان جو مڙھ ڳوٺ پهچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.