ڪابل جي مسجد ۾ جمعي نماز دوران ڌماڪو

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان تخت گاهه ڪابل جي هڪ مسجد ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾3 ماڻهو زخمي ٿي پيا.

افغان ميڊيا رپورٽن موجب ڪابل ۾ پوليس جي ضلعي (پي ڊي) 5 جي ايوب صابر مسجد ۾ جمعي نماز دوران ڌماڪو ٿيو.

رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ماڻهو زخمي ٿيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڪابل پوليس جي ترجمان خالد زادران موجب ڌماڪي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي گھري هيٺ آڻي ڇڏيو.

ٻئي پاسي ڌماڪي جي نوعيت جي خبر نه پئجي سگھي آهي ۽ نه ئي ڪنهن گروپ ذميواري قبولي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.