ڪراچي ۾ وري خراب وقت نه ايندو، دهشتگردن کي چونڊي چونڊي مارينداسين: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دهشتگردن کي ڳولي ڳولي ختم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جناح اسپتال ۾ ڪراچي جي علائقي صدر ۾ ٿيل ڌماڪي جي زخمين سان عيادت ڪئي ۽ هنن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

ان بعد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڪراچي گھڻا خراب ڏينهن ڏٺا پر اهو وقت واپس اچڻ نه ڏينداسين.

هن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ مارجي ويل چينين جي ياد ۾ ڪالهه تقريب ٿي ۽ صدر ۾ ڌماڪو ٿي ويو.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ڪرائم انڊيڪس هيٺ وٺي آيا آهيون، سيف سٽي تي عمل درآمد ۾ ڪجهه ايشوز آهن پر ڪوشش ٿيندي ته جلد معاملا حل ٿي وڃن جيئن نيڪٽا کي ٻيهر فعال ڪريون.

سيد مراد علي شاهه چيو ته دهشتگردن کي لڪڻ جاءِ نه ڏينداسين، چونڊي چونڊي دهشتگرد ختم ڪنداسين.

هن چيو ته دهشتگردن جو ڪو مذهب ناهي نه ئي ٻولي، دهشتگرد منظم آهن ۽ ٻاهرين ملڪن کان انهن کي مدد ٿي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.