پرڏيهي سازش بابت جاچ ڪميشن جوڙيو: صدر جوچيف جسٽس کي خط

اسلام آباد: (م ڊ) حڪومت جي تبديلي ۾ مبينه پرڏيهي سازش جي جاچ لاءِ صدر عارف علوي جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ لاءِ چيف جسٽس کي خط لکي ڇڏيو. صدر عارف علوي خط ۾ لکيو آهي ته جوڊيشل ڪميشن جي  سربراهي چيف جسٽس پاڻ ڪري هن وقت ملڪ کي سياسي ۽ معاشي بحران کان بچائڻ جي ضرورت آهي. صدر عارف علوي خط ۾ لکيو آهي ته ملڪ ۾ سنگين سياسي بحران پيدا ٿي ويو آهي. تازن واقعن جي حوالي سان عوام ۾ وڏي سياسي ورهاست پيدا ٿي رهي آهي. سمورن ادارن جو فرض آهي ته اهي ملڪ کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ جي ڪوشش ڪن. سپريم ڪورٽ ماضي ۾ قومي سلامتي، ملڪ جي سالميت، خودمختياري ۽ مفاد وارن معاملن ۾ عدالتي ڪميشن جوڙي. چيف جسٽس ناصرالملڪ جي سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن 2013 جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن جي جاچ ڪئي. صدر لکيو ته اهڙي طرح ميموگيٽ معاملي جي جاچ لاءِ به جوڊيشل ڪميشن قائم ڪئي وئي. گم ٿي ويل ماڻهن جي لاءِ هڪ فعال جوڊيشل ڪميشن موجود آهي. صدر عارف علوي وڌيڪ لکيو ته عالمي تاريخ ۾ سازشن ذريعي حڪومت جي تبديلي جا تمام گهڻا مثال موجود آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.