ٻاهرين ملڪ پاڪستانين پاران 22 ارب ڊالر موڪليا ويا:قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته موجوده مالي سال ۾ هن وقت  تائين ٻاهرين ملڪ پاڪستانين پاران 22 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو اچي چڪو آهي جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين مٽاسٽا جو ناڻو 30 ارب ڊالر تائين پهچي ويندو. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران شيخ روحيل اصغر جي سوال جي جواب ۾ سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت پاران ٻڌايو ويو ته هن وقت سڄي دنيا ۾ تقريبن 8.9 ملين پاڪستاني ڪم ڪري رهيا آهن،

  • ناظم آباد پوليس هٿان هوائي فائرنگ ڪندڙ اهلڪار گرفتار، ڪيس داخل

ڪراچي(رپورٽر) ناظم آباد ٿاڻي جي پوليس هوائي فائرنگ ڪندڙ پوليس اهلڪار  کي گرفتار ڪري ورتو آهي. تفصيل مطابق گذريل ڏينهن ناظم آباد ٿاڻي جي پوليس هوائي فائرنگ ڪندڙ پوليس اهلڪار محمد شمروز پٽ محمد سلطان کي گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب گرفتار ٿيل اهلڪار فيڊرل بي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي تي مقرر هو جنهن ناظم آباد ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ڪوارٽرن ڀرسان هوائي فائرنگ ڪئي هئي جنهن جي وڊيو وائرل ٿي هئي.

  • قومي اسيمبلي پاران والاريل ڪشمير ۾ چونڊ حد بندي ڪميشن جي رپورٽ رد

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) قومي اسيمبلي هڪ متفقه قرارادد جي منظوري ڏني آهي، جنهن ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انتخابي  حد بندي ڪميشن جي رپورٽ کي رد ڪندي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته انهن حد بندين جي نتيجي ۾ ڪا اليڪشن گڏيل قومن جي زير انتظام آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ شماري جو متبادل نٿي ٿي سگهي، پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکندو، حڪومت تي زور ڏنو ويو آهي ته ڪشميرين جي خلاف ڀارتي قدمن کي پرزور طريقي سان گڏيل قومن، او آءِ سي سميت عالمي برادري جي سامهون بي نقاب ڪري.

  • سنڌ ھيٽ اسٽروڪ جي لھر ، حڪومت پاران آبادگارن کي هدايتون

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ۾ شديد گرمي ۽ ھيٽ اسٽروڪ جي لھر جي ڪري سنڌ سرڪار صوبي جي ھارين ۽ آبادگارن کي احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ جومشورو ڏئي ڇڏيو آهي. زراعت بابت صلاحڪار منظور حسين وساڻ ھارين ۽ آبادگارن کي احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو آھي ته منجھند جو 12 وڳي کان شام 4 وڳي تائين کليل سج واري حالت ۾ ڪم ڪارڪرڻ کان پاسو ڪريو، فصلن جي ڪم دوران ٿڌي مشروبات استعمال ڪن. منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته زراعت کاتي جا سڀني ضلعن جا آفيسر گرمي ۾ واڌ سبب ھارين لاء ڪيمپس قائم ڪن، ھارين ۽ آبادگارن ۾ گرمي ۽ ھيٽ ويو کان بچاءَ بابت زراعت کاتي جا آفيسر آگاھي مھم ھلائن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.