سنڌ سرڪار پاڻي معاملي تي ڊرامي بازي پئي ڪري: حليم عادل

ٺٽو/ڄامشورو(رپورٽ: منصور جلالاڻي+صدر جوڻيجو) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ حقيقي آزادي مارچ جي رابطا مھم جي سلسلي ۾  اپوزيشن ليڊر سنڌ اسيمبلي حليم عادل شيخ پي ٽي آءِ ٺٽي جي اڳواڻ رئيس ارسلان خان بروھي سان گڏ ڪراچي کان ٺٽي پھچي ٺٽي جي شھرين ۽ دڪاندارن ۾ پمفليٽ تقسيم ڪيا، ان موقعي تي حليم عادل شيخ چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح اسانکي آزادي ڏياري جيڪو جھرڪ ٺٽي جو آھي، فوج جي سپاھي کان وٺي جنرل تائين سڀ اسانجي شان مان آھن، هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ڪري آبادگارن کي ڪنگال بنايو پيو وڃي، جيئن آبادگارن جو زمينون بنجر ٿين ته زرداري مافيا اھي زمينون ڀڳڙن مٺ ۾ حاصل ڪري سگھي. سنڌ حڪومت پاڻي معاملي تي ڊرامي بازي ڪري رھي آھي، هوڏانهن حليم عادل شيخ سنڌ ۾ پاڻي جي بحران کانپوءِ ڪوٽڙي بئراج وٽ پهچي اپ اسٽريم ۽ ڊائون اسٽريم جو دورو ڪيو، جتي آبپاشي عملدارن سان ملاقات ڪري پاڻي جي صورتحال بابت انگ اکر معلوم ڪيا. ان موقعي تي حليم عادل شيخ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جو بحران هٿرادو پيدا ڪيو ويو آهي، هن وقت به سنڌ ۾ زرداري ۽ سندس درٻاري ماڻهن جون زمينون آباد ٿي رهيون آهن، پاڻي جي چوري روڪرائڻ لاءِ رينجرز کي اختيار ڏيڻ سٺو سنئوڻ آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.