ساڍن ٽن سالن جو گند 3 ڏينهن ۾ صاف نٿو ٿي سگهي: فضل الرحمان

ڪراچي(رپورٽر)  پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ساڍن ٽن سالن جو گند وڌو  ويو آهي اهو ٽن ڏينهن ۾ صاف نٿو ٿي سگهي،آزاديءَ جي نعري تي پي ٽي آءِ وارا  اسان جو نقل ڪري رهيا آهن، نقل ڪندڙن کان هوشيار رهڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب جي پروگرام ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته  آءِ ايم ايف جي دٻاءُ تي قانونسازي اوهان ڪئي، آءِ ايم ايف جي نمائندي کي اسٽيٽ بئنڪ جو صدر اوهان بڻايو، بااختيار بڻائڻ جي نالي تي اسٽيٽ بئنڪ کي آءِ ايم ايف جي حوالي ڪري ڇڏيو، سڀ ڪجهه آمريڪا جي رهنمائيءَ ۾ هلي رهيو هو، اوهان ان تي فخر ڪري رهيا آهيو، اڄ آمريڪا مخالف چورن وِڪڻي رهيا آهيو. بدقسمتيءَ سان گذريل 3-4 سالن ۾ تمام تيزيءَ سان پوئتي آيا آهيون. هن چيو ته اسان شفاف چونڊن کان پهرين سڌارا آڻڻ چاهيون ٿا، نيب ۾ پڻ سڌارا آڻينداسين. هن چيو ته اسان جو ادارن کان رڳو هڪ مطالبو هو ته توهان ڌر نه بڻجو، چون ٿا ته اسان نيوٽرل آهيون ته کين جانور سان ڀيٽ ڏني وڃي ٿي، مير جعفر ڪري پڪاريو وڃي ٿو، هن چيو ته آءِ ايم ايف جا رياست سان معاهدا ناهن، انهن سان ڳالهايو وڃي، عوام کي تڪليف ۾ نه وجهنداسين، معيشت ٺيڪ ڪنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.