سرحد لڳ هفتو اڳ اغو ٿيل ڳوٺاڻو آزاد نه ٿيو، پوليس ٻوٽو نه ٻاريو

گهوٽڪي( ڊ ر )  سرحد ٿاڻي جي حد مان هڪ هفتو اڳ پاڻي جي واري تان اغوا ٿي ويل ڳوٺاڻو عثمان ڪولاچي بازياب ناهي ٿي سگهيو، مغوي عثمان ڪولاچي جي اغوا جو وزير اعلى سنڌ سيد مراد علي شاهه پاران نوٽيس پڻ ورتو  ويو ۽ پوليس کي پڻ جلد مغوي بازياب ڪرائڻ جون هدايتون ڪيون ويون، جنهن بعد گهوٽڪي پوليس پاران ايس ايس پي گهوٽڪي اظهر مغل جي اڳواڻي ۾ گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف چئن ڏينهن کان آپريشن شروع ڪيو ويو آھي، مگر پوليس آپريشن به ڪوئي ٻوٽو ناهي ٻاري سگهيو، جڏھن ته مغوي عثمان ڪولاچي جي وارثن چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ۽ ايس ايس پي کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.