غني ٽالپر طرفان مانجهند حادثي تي ڏک جو اظهار

سيوھڻ (ن ع آ) پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي غني ٽالپر مانجهند حادثي ۾ نوشھروفيروز ضلعي سان تعلق رکندڙ  15 کان وڌيڪ پورھيتن جون جانيون ضايع ٿيڻ تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحومن جي پونئيرن  سان دلي ھمدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.  ھن چيو ته سيوھڻ ڄامشورو روڊ سنگل ھئڻ ڪري حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، ان ڪري وفاقي سرڪار کي گھرجي ته فوري طور سيوھڻ ڄامشورو ڊبل روڊ جي تعميراتي ڪم کي مڪمل ڪري وڌيڪ انساني جانين کي ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.