ڪرپشن نه ٿئي ها ته هن وقت تائين سن ٻٽو روڊ مڪمل هجي ها

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي نائب صدر حورالنساء پليجو، مرڪزي اڳواڻ علي  محمد پرويز ۽ سرواڻ جتوئي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڄامشورو_سيوهڻ روڊ تي حادثي سبب 15 کان وڌيڪ پورهيت ۽ معصوم ٻارڙن جي فوتگي تي انتهائي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هن قسم جا خطرناڪ ۽ موتمار حادثا حڪومت جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب ٿين ٿا. جيڪڏهن ڄامشورو_ سيوهڻ روڊ کي ڊبل ڪرڻ واري ڪم ۾ ڪرپشن نه ٿئي هان ته هن وقت تائين روڊ مڪمل ٿي وڃي هان ۽ ئي سوين انساني جانيون بچي وڃن هان. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته حادثن جي صورت ۾ اسپتالن ۾ ڪي به سهولتون موجود ناهن جنهنڪري فوتگيون وڌن ٿيون. اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ معمول بڻيل آهي. سرڪاري ايمبولينسون ڪنهن حادثي واري هنڌ موڪلڻ بدران پيپلز پارٽي جي جلسن لاءِ جهنڊا هڻڻ ۽ وڏيرن جي پروٽوڪول ۾ استعمال ڪيون وينديون آهن. هنن چيو ته ڪيترائي سال گذري ويا آهن پر سنڌ حڪومت توڙي وفاقي جي ڪرپشن سبب ڄامشورو_سيوهڻ روڊ اڃا تائين ڊبل ناهي ڪيو ويو جنهن ڪري هن تي روڊ تي حادثن سبب قيمتي زندگين جو ضايع معمول بڻجي ويو آهي. هائي ويز تي قدم قدم تي ٽول پلازا لڳائي ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان ڦريو ۽ لٽيو پيو وڃي، ٽول پلازائن مان اربين روبيا روز جي بنياد تي اوڳاڙيا وڃن ٿا پر تنهن هوندي به روڊ جي مرمت به نٿي ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.