مغوي نوجوان آزاد ڪرايو، عمرڪوٽ ۾احتجاجي مظاهرو

عمرڪوٽ(ڊ ر) عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو تعلقي سندڙي جي حد مان مبينا طور اغوا ٿيل نوجوان ايسر داس ڀيل  بازياب نه ٿيڻ خلاف سماجي حلقن ۽ ڀيل برادري جي ماڻھن طرفان وڪيل لالو  ڀيل، مير چند سهجاڻي، فتن ڀيل، پريتم ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي ويئي احتجاج دوران دانھيندي اڳواڻن چيو ته 6 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ايسر ڀيل جي بازيابي لاء ڪنهن به قسم جي ڪاروائي نه ڪئي آھي جڏهن  تي اغوا ڪندڙ جون ايسر داس جي بازيابي لاء ڀنگ لاء ڪالون اچي رهيون آھن ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ مارڻ جون ڌمڪيون ڏي رهيا آھن اسان شڪ جي بنياد تي پوليس کي نالا ڏنا آھن پر پوليس ڪنهن کي به گرفتار ڪرڻ لاء تيار نه آھي اسان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، آئي جي سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون ته معاملي جو نوٽس وٺي ايسر داس کي بازياب ڪرائي بي چيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.