دعا زهرا کي ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس ايس پي ايسٽ ۽ ايس ايڇ او الفلاح کي پسند پرڻو ڪندڙ ناري دعا  زهرا کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ دعا زهرا جي پيءَ جي درخواست تي لکت حڪم نامو جاري ڪيو.

عدالت ايس ايس پي ايسٽ ۽ ايس ايڇ او الفلاح کي ناري کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ سميت ٻين کي 19 مئي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.