حيات پتافي ۾ پاڻي بحران خلاف استادن، شاگردن جي ريلي

ميرپورماٿيلو( رپورٽ: پريم راٺوڙ) ميرپور ماٿيلو ويجهو حيات پتافي ۾ مين بازار کان استادن شاگردن ۽ ڳوٺاڻن پاران احتجاج ريلي ڪڍي حيات پتافي جي چوڪ تي پهچي ڪري پاڻي ناهي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا، جا زوردار نعرا لڳايا ويا ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي احتجاج ڪندي گورنمينٽ ھاء اسڪول حيات پتافي  جي پرنسيپال اقبال احمد نائچ استاد غلام حيدر چنڙ، استاد غفار احمد چنڙ  ڳوٺاڻن ۽ شاگردن  چيو ته پاڻي کوٽ جي ڪري اسان جون زمينون بنجر ٿي ويون  آهن ۽ چوپائي مال کي پاڻي نه ھجڻ ڪري نقصان پهچي رهيو آهي هنن چيو ته اسان وزيراعظم پاڪستان، وزير اعلي سنڌ کي اپيل ڪيون ٿا ته گھوٽڪي فيڊر کي فوري طور پاڻي ڏنو وڃي ٻيءَ صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.