اسٽيبلشمينٽ جو پيغام ملڻ بعد ن ليگ جو لنڊن ۾ اجلاس

اسلام آباد  (عوامي  آواز نيوز) لنڊن ۾اسٽيبلشمينٽ جي ويجهي شخصيت نواز شريف سان ملاقات ڪري اهم پيغام پهچايو جنهن کانپوءِ نواز شريف پارٽي قيادت کي طلب ڪيو آهي، ان ڪري انتهائي اهم ۽ سخت فيصلن جو امڪان آهي، نامياري صحافي معظم فخر پنهنجي  وي لاگ ۾ چيو آهي ته ناميارو صحافي محسن بيگ ڪافي عرصو عمران خان جي به ويجهو رهيو، محسن بيگ صحافي هجڻ سان گڏ اسٽيبلشمينٽ جي به انتهائي ويجهو سمجهيو ويندو آهي، ان لنڊن پهچي نواز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ کيس اسٽيبلشمينٽ جو اهم پيغام پهچايو جنهن کانپوءِ نواز شريف پارٽي اجلاس طلب ڪيو آهي، هوڏانهن محسن بيگ صحافين جي سوالن تي چيو ته عمران خان هاڻي تاريخ آهي ڪڏهن به اقتدار ۾ نه ايندو، اهڙو ڪو به امڪان نه آهي، ٻئي سوال تي چيو ته نواز شريف سان خير سگالي طور ملاقات ڪئي ۽ اسحاق ڊار پراڻو  دوست آهي، ان سان به ملاقاتي ڪئي، جڏهن ته (ن) ليگ لاءِ  ملڪ جي ٻڏندڙ ٻيڙي بچائڻ وڏو چئلينج آهي، ان بابت اهم فيصلا ٿيڻا آهن ڇو ته اسحاق ڊار ماضيءَ  ۾ ناڻي جو وزير رهيو آهي اهو پنهنجن تجربن جي روشنيءَ ۾ ضروري ۽ بنيادي صلاح مشورا ڏيندو، جڏهن ته سياسي استحڪام بابت نواز شريف صلاحون ڏيندو ۽ عمران خان بابت به ڪو سخت فيصلو ٿي سگهي ٿو، ملاقات لاءِ ويل ٽيم جي واپسيءَ کانپوءِ صورتحال واضح ٿي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.