ڪراچي ۾ 14 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ واري ڳالهه غلط آهي: ڪي اليڪٽرڪ

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي کي بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ شيڊيول موجب لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، لوڊشيڊنگ جو شيڊيول ويب سائيٽ تي موجود آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 14 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ڪرڻ وارين خبرن جي ترديد ڪريون ٿا، بجلي جي فراهمي بلن جي ادائگي سان مشروط آهي، 20 سيڪڙو کان گهٽ نقصان وارن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي، 400 جي لڳ ڀڳ صنعتي فيڊرن تي به لوڊشيڊنگ نه پئي ٿئي، ترجمان موجب لانڍي، ڀينس ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ بل نه پيارڻ تي ڪجهه ڪنيڪشنز ڪاٽيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.