نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيا، سندس زال پٽ سميت گم، لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ واحد بخش آگاڻي جي رهواسين مبينا ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿي ويل شادي شده نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مقتول اعجاز آگاڻي جي پيرسن پيءُ عجب پنهنجي گهر واري نصرت، ڌيءَ راشده، سس سانئڻ ۽ ماروٽ جيجان آگاڻي سان گڏجي دانهيو ته منهنجي پٽ اعجاز جي شادي ٻه سال اڳ بيواهه عورت رضيه آگاڻي سان ٿي هئي جنهن مان کيس کير پياڪ پٽ جي اولاد آهي. هن الزام لڳايو ته رضيه آگاڻي جو مڙس قدير ۽ مجاهد آگاڻي پاڻ ۾ ڀائر آهن ۽ قدير جي حياتي ۾ به مجاهد رضيه سان زبردستي شادي ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀاءُ قدير کي ڌمڪيون ڏيندو هو انڪار تي مجاهد پنهنجي ڀاءُ قدير آگاڻي کي ٻه سال اڳ قتل ڪيو بعد ۾ رضيه بيواهه ٿي ۽ هن منهنجي پٽ اعجاز سان شادي هئي ۽ شادي بعد مجاهد پٽ ۽ ننهن رضيه کي ڌمڪيون ڏيندو هو جنهن ٻه ڏينهن اڳ پٽ کي سندس گهر واري ۽ کيرپياڪ پٽ سميت اغوا ڪرڻ بعد پٽ اعجاز کي گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري سندس جو لاش دودائي ريلوي ڦاٽڪ وٽ اڇلائي ننهن ۽ سندس کير پياڪ پٽ کي اغوا ڪري مدئجي کڻي ويو خدشو آهي ته مجاهد ننهن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي ان لاءِ اسان واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ماهوٽا ٿاڻي تي وياسين پر پوليس اسان جو ڪيس داخل نه ڪيو جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته پٽ جي قتل جو ڪيس داخل ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.