ٽالهي (ن ع آ) ڳوٺ 19 واٽر ۾ گرگيج برادري جي ٻن ڌرين. صدام عرف صدو گرگيج ۽ رمضان گرگيج وارن ۾ هلندڙ زميني تڪرار هڪ دفعه ٻڙڪي پيو. هوائي فائرنگ پڻ ڪئي پئي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مرد ۽ عورتون معمولي زخمي ٿي پيا. پوليس ٻنهي ڌرين جون درخواستون وٺي ڄانچ شروع ڪري ڇڏي. هڪ ٻئي واقعي ۾ ٽالهي مريد ڪالوني ۾ گرگيج برادري جي ٻن ڌرين گانهور گرگيج ۽ شاهنوازعالم گرگيج وچ ۾ جهيڙو ٿي پيوجنهن جي نتيجي ۾ عنايت گرگيج کي مٿي ۾ ڌڪ لڳو ۽ شديد زخمي ٿي پيو پوليس زخمي ليٽر ڏئي ڪنري ريفر ڪري ڇڏيو. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته جهيڙيندڙ ڌريون پاڻ ۾ سالا ڀيڻويا آهن.