گهوٽڪي ۾ ڪارنهن الزام جو جرڳو، سڱ چٽي، 16 لک ڏنڊ، احتجاج

سکر ( رپورٽر ) گهوٽڪي ۾ جهالت جي انتها ٿي وئي آهي، سکر واسي اقبال چاچڙ پنهنجي زال شاهجهان بي بي ۽ ڌيءَ سسئي سان گڏ سکر نيشنل پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي ٻڌايو آهي ته فيبروري کان اسان جو پٽ اختر چاچڙ پئسا ڪمائڻ لاءِ عرب سعودي ويو آهي.  پر ٻه هفتا اڳ وڏيري جمعو عرف جمال الدين چاچڙ، راڻو چاچڙ، مير محمد چاچڙ، بدر، پيارو، بهرام چاچڙ ۽ ٻين زبردستي جرگو ڪوٺائي منهنجي پٽ تي ڪوڙو ڪارنهن الزام هنيو آهي، پٽ کي مير محمد چاچڙ جي شادي شده ڌيءُ فوزيه سان ڪارو قرار ڏنو ويو آهي،  هن وڌيڪ چيو ته 12 ورهين جي ڌيءَ سسي کي سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،  هاڻي بااثر وڏيرا معصوم نياڻي جي شادي مير محمد جي پٽ فرمان چاچڙ سان زبردستي ڪرائڻ چاهين ٿا، جيڪا اسان کي قبول ناهي، هن چيو ته مٿس 16 لک رپيا ڏنڊ پڻ لڳايو ويو آهي. سندس پٽ اختر کي پنجن سالن کان ڳوٺ مان بيدخل ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جيڪا وڏي ناانصافي آهي، اسان پوليس وٽ به ويا هئاسين پر پوليس بااثر وڏيرن جي سرپرستي ڪرڻ ۾ مصروف آهي، ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي گهوٽڪي، انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته جوابدار خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري معصوم نياڻي جي زندگي بچائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.