ڪورنگي ۾ شهرين کان ڦر، مزاحمت تي هڪ جوابدار مارجي ويو

ڪورنگي ( ن ع آ ) ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ڪي آءِ اي پوليس مهراڻ ٽائون واري علائقي ۾ درياءَ ويجهو فائرنگ هڪ ڄڻو مارجي ويو، ڪورنگي انڊسٽريل پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي. پوليس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مهراڻ ٽائون درياهه ويجهو معراج هوٽل وٽ ٻن هٿياربندن فائرنگ ڪري ٽن شهرين کان ڦر ڪيو، ان دوران باقر شاهه نالي هڪ شخص مزاحمت تي پنهنجو پستول ڪڍي ورتو ۽ جوابدارن تي فائرنگ شروع ڪري ڏني. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار موقعي تي ئي مارجي ويو ۽ ٻيو فرار ٿي ويو، مارجي ويل جوابدار جي قبضي مان هٿيار، 2 پستول، 6 ڦر ٿيل موبائل فون ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي،  فوتي جي سڃاڻپ 35 سالن جي اميد علي ولد پرويز علي طور ٿي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.