ڊگهڙي ۾بااثر پاڻي بند ڪري ڇڏيو، عورتن سميت ڌرڻو، پوليس ڪڙڪي پئي

ڊگھڙي(رپورٽ : ڀاون شاهه )ڊگهڙي ڀرسان ڳوٺاڻن جو بااثرن پيئڻ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو،مڱڻهار برادري جي عورتن مردن ۽ معصوم ٻارن جو ڌرڻو،پوليس سندن مطالبا مڃڻ بدران مٿن ڪڙڪي پئي عورتن کي وچ شهر  ۾ ڊوڙائيندي رهي،خبر موجب ڊگهڙي ڀرسان ٽنڊوجان محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ جيئو ڪلوئي جي رهواسين مڱڻهار برادري جي مردن،عورتن ۽ معصوم ٻارن جو پريس ڪلب ڊگهڙي اڳيان نٽھڻ اس ۾ ڌرڻي سبب ميرپورخاص ۽ ڪوٽ غلام محمد روڊ بلاڪ ٿي ويا،ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ شعيب علي مڱڻهار،عاجد علي،مسمات رشيده،مڱڻهار،پروين ۽ ٻين عورتن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته ڪجھ ڏينهن مڱڻهار ۽ ڪلوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو هو جنهن ۾ زخمي ٿيل شبير علي مڱڻهار جنهن جو هن وقت حيدرآباد اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي اسانجي ڳوٺ ۾ واٽرسپلاء جي تلائن تان پيئڻ جو پاڻي ڀرڻ لاء عورتون ويون ته مٿس سليم ڪلوئي،علي حسن ۽ سندس برادري جي ماڻھن لٺين لتن ۽ مڪن سان حملو ڪري ڏنو عورتن جي تذليل ڪئي اٿن ۽ اسانجو پيئڻ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو اٿن هنن چيو ته حد جي پوليس بااثرن خلاف ڪابه قانوني ڪاروائي ناهي ڪئي ويتر ڊگهڙي پوليس اسانجي ٻن نوجوانن کي گذريل ٻن ڏينهن کان بغير ڪنهن ايف آئي آر جي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي اسان مسڪين ماڻھون آهيون اسانجي ڪير هڪ به ٻڌڻ لاء تيار ناهي،گرمي جي شدت تيز هئڻڪري ڌرڻي ۾ شريڪ عورتون ۽ معصوم ٻارڙا بيهوش ٿيڻ لڳا هئا جنهن تي ماڻھن ٿڌو پاڻي هاري کين هوش ۾ آندو،ڊگهڙي پوليس ڳالهيون ڪرڻ بدران ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاء وڏي نفري سان گڏ مظاهرين تي ڪڙڪي پئي ۽ کين داٻا دڙڪا ڌڪا ۽ لٺيون ڏيکاري کين ڌمڪائي ڊوڙائي ڪڍيو،مظاهرو ڪندڙ عورتن کي پوليس وچ شهر جي گهٽين ۾ ڊوڙائيندي رهي پوليس جي خوف وچان معصوم ٻارن ۽ عورتن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا شهر جي عوام پوليس جي عورتن سان اهڙي رويي تي افسوس جو اظهار ڪيو متاثرن جو چوڻ هو ته ڊگهڙي پوليس بااثرن جي ونگار وهندي اسان سان ظلم ڪيو آهي،مسڪين عورتون پوليس کي پٽون ۽ پاراتا ڏينديون ڇڙ وڇڙ ٿي ويون،هنن ڊي آئي جي ميرپورخاص،ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل ڌرين خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسانکي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.