دانيا سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان عامر لياقت جو نالو هٽائي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ميمبر عامر لياقت جي ٽين گهرواري دانيا شاهه مڙس کان طلاق وٺڻ جي درخواست بعد سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان عامر لياقت جو نالو هٽائي ڇڏيو.

دانيا شاهه جو انسٽاگرام اڪائونٽ ان کان اڳ سيده دانيا عامر جي نالي سان هو پر مڙس کان خلع وٺڻ جي درخواست ۽ عامر لياقت بابت مختلف انڪشافن کانپوءِ دانيا پنهنجو اڪائونٽ دانيا ملڪ جي نالي سان تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته دانيا شاهه پنهنجي اڪائونٽ تان عامر لياقت سان گڏ پنهنجون سموريون تصويرون به ڊليٽ ڪري ڇڏيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.