سوشل ميڊيا ڪارنر

کوٽ پاڻيءَ جي نه پر نيت جي آهي.!

2010 ۾ آئون سرحد صوبي جي شھر نوشھره ۾ هئس،سنڌ ۾ پاڻي کوٽ سبب قحط واري صورتحال هئي،۽ ملڪ جا سڀ ڊيم ان وقت پاڻيءَ سان ڀريا پئي ويا، جيڪي قانوني طور تي صرف سيلاب جي واڌو پاڻيءَ سان ڀرجڻ گهرجن ها.

پر ڊيمن وارو نظام به انهن ملائڪن جي هٿ ۾ آهي، جن جي نيت تي شڪ ڪرڻ سان اسان جهڙن اٻوجھن جا ٻئي جهان ڌُوڙ ٿيڻ وارو خطرو هر وقت موجود رهي ٿو.

سو سڀ ڊيم ٽناٽن ڀريل ۽ سنڌ جي لاڙ واري پَٽي ته ڇا پر خيرپور ميرس ۽ جيڪب آباد جي شاخن ۽ ٻنين مان به ڌوڙ پئي اڏاڻي.!

ٻه ڏينهن خاصو مينهن پيو، هڪ شام آئون نوشھره شھر لڳ ڪابل درياھ جي لوهي پل تي پهتس ته مار.. ايڏو پاڻي..برسات سبب جبلن تي چَرندڙ ڍور ڍڳا به مٿان تِرڪي هيٺ ڪابل درياھ ۾ لڙهيا پئي ويا…..

ٻي خبر پئي ته ڊيمن جا مُنهن به واپس درياھ ڏانهن کوليا ويا آهن، ۽ سُڪندڙ سنڌ تي رحم جي نظر ڪري پاڻي هيٺ موڪليو ويو آهي.وري چون ”انڊيا پاڻي هيٺ ڇڏيو آهي “.پهريان سنڌ کي سُڪائي ماريو ويو ۽ پوءِ سنڌين کي ٻوڏ ۾ ٻوڙيو ويو.

شڪ ناهي ته هاڻي به وري ساڳي ئي تاريخ ورجائي وڃي،پر اسان جي سنڌ ۾ پاڻ کڻائي به زرداري جي اسٽيجن تي پهچندڙ اديبن ۽ اديبياڻين کي اڃا تائين سسئي پاران سنڌو درياھ کي ڏنل پاراتو ناهي وسريو.جن کي بلاول زرداري مان شھيد ڀُٽي جي مهڪ ۽ آصفه ۾ بينظير جي جهلڪ ته نظر اچي ٿي، پر سنڌي قوم جي اُڃايل اکين ۾ برپا ماتم نظر نٿو اچي.!کين پنجاب پاران سنڌو درياھ تي، ۽ شاخن واهن تي ويٺل پيپلن ليگلن جا جوڙيل ھٿرادو ڪالاباغ ڊيم نظر نٿا اچن.!

افضل شر  جي پوسٽ

گرمي پد وڌڻ سان پوپٽن جو نسل خطري هيٺ اچي ويو

دنيا ۾ ماحولياتي تبديلي جو اثر پهرين پهرين نازڪ نفيس جيوت تي پئجي رهيو آهي، ڌرتيءَ جي گولي تي گرمي پد وڌڻ جي ڪري هن ڪائنات جي جنهن سهڻي ۽ نفيس جيو تي وڌيڪ اثر پيو آهي اهو پوپٽ آهي، گرمي جي سٽ نه سهڻ ڪري پوپٽ جا ڪيترا ئي نسل ختم ٿي ويا اهن، جڏهن ته باقي نسل به خطري هيٺ آهي، هي تحقيق هڪ سائي رنگ جي پرن واري اڇي رنگ جي پوپٽ تي ڪئي وئي آهي  جنهن مان معلوم ٿيو آهي ته جيئن اونهاري جي موسم جو مدو ڊگهو ۽ گرم ٿيندو تيئن پوپٽ کي پاڻ بچائڻ جي لاءِ وڌيڪ قوت استعمال ڪرڻي پوندي، ايتري تائين جو بهار ۾ به ان جو زنده رهڻ ڏکيو  ٿي پوندو آهي ڇاڪاڻ ته پوپٽ جي مزاحمتي قوت  ڪمزور ٿي چڪي هوندي آهي، سائنسدانن موجب حساس پوپٽن ۾ توانائيءَ جو هڪ نازڪ ذريعو هوندو آهي، جيڪو متاثر ٿيڻ سان هن سهڻي جيَو جي حياتي خطري ۾ پئجي ويندي آهي.

سائنسدانن پنهنجي مطالعي جي شروعات اڇن پوپٽن تي ڪئي،هنن ڪُل 459 خواب پيل  پيوپا گڏ ڪري انهن تي تحقيق ڪئي، جيڪي يورپ ۽ ايشيا ۾ عام هونداآهن. انهن کي مختلف حالتن ۽ گرمي پد ۾ رکيو ويو جيڪو پڻ سرءُ جهڙو هو.24 هفتن تائين اونداهي ڪمري ۾ رکيا ويا جي  گرمي پد نوٽ ڪيو ويو جيڪو ٻن ڊگري سينٽي گريڊ جي برابر هو.

ظاهر ٿيو ته pupae  ڊگهي خزان  جي حالت ۾ رهيا، هئا هنن کي پنهنجي توانائي وڌيڪ استعمال ڪرڻي پئي. جڏهن ته سرد ۽ مختصر خزان ۾ رکيل پيوپا جي اها ڪيفيت نه هئي،اهڙي طرح وڌيڪ توانائي استعمال ڪندڙ   pupae ڪمزور ۽ سنهڙا ٿي ويا.ڪمزور pupae مان پيدا ٿيل پوپٽ ٻين جي مقابلي ۾ جلد ئي حياتي وڃائي ويٺا،اهڙي طرح گرمي وڌڻ سان 10 کان 20 سيڪڙو پوپٽن جو انگ گهٽجي سگهي ٿو.

سوشل ميڊيا پوسٽ

سنڌ ۽ دبئي ۾ پوءِ فرق ڇو آ؟

دبئيءَ ۾ تيل آهي، سنڌ ۾ به ته تيل آهي، دبئيءَ ۾ گئس آهي، سنڌ مان به گئس نڪري ٿي، دبئيءَ ۾ سمنڊ آهي..سنڌ کي به تمام وڏو سمنڊ آهي، دبئيءَ ۾ ريگستان آهن سنڌ ۾ به ته ٿر آهي، دبئي ۾ نخلستان آهن سنڌ ۾ به خيرپور دبئيءَ کان به وڏو علائقو کجين سان ڀريل آهي سنڌ ۾ درياهه آهي دبئي ۾ درياهه ڪونهن، سنڌ ۾ زراعت آهي دبئيءَ ۾ زراعت ڪا خاص ڪونهي، سنڌ ۾ ايشيا جو مشهور ۽ وڏيون ڍنڍون آهن، دبئيءَ ۾ ڍنڍون ڪٿا آيون سنڌ ۾ هر قسم جا جانور آهن، دبئي ۾ اٺ آهن سنڌ ۾ ماڻهن جو خاصو تعداد آهي، دبئيءَ کي ڪم ڪار لاءِ  ٻاهران ماڻهون گهرائڻا پون ٿا، سنڌ ۾ تمام سهڻو ڪاڇو آهي دبئيءَ ۾ اهڙا سهڻا پهاڙ ڪٿان آيا، سنڌ ۾ کاڻيون آهن دبئي ۾ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ کاڻ هوندي. مطلب ته سنڌ دبئيءَ کان ڪيترين ئي ڳالهين ۾ سرس آهي، سهڻي آهي، مالدار آهي پر پوءِ دبئيءَ کي ڏسي سنڌ کي ڏسجي ته ائين ڇو لڳندو آهي ته دبئي ڄڻ آسمان مان نڪتل آهي ۽ سنڌ ڄڻ دوزخ جو ڪو ٽڪرو جت نه ڪنهن جي عزت محفوظ نه جان نه مال، نه صحت نه صفائي، نه نوڪريون نه واپار … هر طرف اوندهه ئي اوندهه!

سوشل ميڊيا پوسٽ

محب پيرزادي کي ٽڪيٽ نه ڏيڻ جو نقصان خود پارٽي کي ٿيندو

محب حسين پيرزادو عوام جو بي لوث خدمتگار آھي، محترمه  بينظير ڀٽو کان وٺي اڄ تائين جيئن ھن پارٽيءَ سان نڀايو آھي ۽ جيئن پنھنجي يونين ڪائونسل ۽ تعلقي ۾ بنا ڪنھن لوڀ لالچ جي عوام جي خدمت ڪئي اٿائين تنھن جو مثال ملڻ مشڪل آھي. اھڙي ڪميٽيڊ عوامي ماڻھوءَ کي يونين ڪائونسل بگي مان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر لاءِ  ٽڪيٽ نه ڏيڻ سراسر زيادتي آھي.

محب پنھنجي ڳوٺ ۽ تر ۾ اھڙا ترقياتي ڪم به ڪرايا آھن جيڪي تڪ جا ايم پي اي ۽ ايم اين ايز به ناھن ڪرائي سگھيا. پارٽي قيادت کي بنا ڪنھن دير جي ڀائو محب کي ٽڪيٽ ڏيڻ گھرجي. محب ته پنھنجي تڪ ۾ ٽڪيٽن کان بنا به سوڀارو ٿيندو رھيو آھي ۽ محب جي ڪري ئي پارٽي جا ٻيا اميدوار به ڪامياب ٿيندا رھيا آھن، محب کي ٽڪيٽ نه ڏيڻ جو نقصان ٻئي ڪنھن نه پر خود پارٽي کي ئي ٿيندو

الطاف پيرزادي جي پوسٽ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.