جوهي ۾ موٽر سائيڪل جي پئسن تان مامن هٿان ڀاڻج زخمي

جوهي ( ن ع آ ) موٽرسائيڪل جي ڏيتي ليتي تان مامن هٿان ڀاڻيجو زخمي, اسپتال منتقل, واهي پانڌي جي رهواسي مامن ڀاڻيجي وچ  ۾ موٽرسائيڪل جي رقم تان جهيڙو ٿي پيو , جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ ڀاڻج عرفان ولد ايم يوسف لغاري شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي تعلقه اسپتال جوهي آندو ويو جتي زخمي جي پيءُ يوسف لغاري ٻڌايو ته موٽر سائيڪل جي ڏيتي ليتي تان جوابدارن حملو ڪري پٽ کي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويا آھن, جوهي پوليس زخمي جي فرياد تي ٽن ڄڻن  ٻاجهي لغاري, گُلو ۽ رجب لغاري مٿان اين سي داخل ڪري ورتي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.