کوکراپار ۾ مڙس هٿان بي دردي سان قتل ٿيل ناري جو ڪيس داخل

کوکراپار(ن ع آ) عيد جي ٻي ڏينھن کوکراپار ۾  مڙس ھٿان بي دردي سان قتل ٿيل ناري زينب جي قتل جو ڪيس سندس مڙس مٿان ماءُ جي  مدعيت ۾ داخل داخل فوري طور تي قبرڪشائي ڪري لاش جو پورٽ مارٽم ڪرايو وڃي ۽ قاتل کي سخت سزا ڏني وڃي ماء جون صحافين سان ڳالھيون، ظالم مڙس عيد جي ٻي ڏينھن ڌي کي  تشدد بعد قتل ڪري واقعي کي خودڪشي جو رنگ ڏيڻ لاء پکي ۾ ٽنگي فرار ٿي ويو آھي کيس فوري گرفتار ڪيو وڃي انھي سلسلي ۾  صحافين سان وڌيڪ ڳالھائيندي زينب جي ماء شاھده ٻڌايو ته 6 مھينا اڳ زينب جي شادي پنھنجي ڏير جي پٽ عباس ولد عبدالمجيد  سان ڪرائي ھئي جنھن کي رمضان جي 22روزي تي عيد لاءِ پنھنجي گھر کوکراپار وٺي آيا سين عيد جي ٻي ڏينھن عباس پنھنجي پي عبدالمجيد  ۽ ماءُ فاطمه سميت اسان وٽ عيد جي دعوت  تي آيا ماني وغير کائڻ بعد عباس جا ماءُ پي واپس ھليا ويا. جڏھن ته عباس ھتي رڪجي ويو ۽ اسان زينب سميت گھر جي مٿئين فلور تي ھئاسين ته عباس زينب کي ھيٺ ڪمري ۾ وٺي ويو ۽ در بند ڪري ڇڏيو ڪجھه ڪلاڪن بعد ھنن کي ماني تي سڏڻ لاءِ منھنجو گھر وارو ھيٺ ويو ته دروازي کي ٻاھران ڪنڊي لڳل ھئي منھنجي مڙس دروازو کوليو ته زينب جو لاش پکي ۾ ٽنگيل ھو ۽ عباس فرار ٿي ويو  ھو ھن چيو ته عباس منھنجي ڌي کي بي دردي سان قتل ڪيو آھي جڏھن ته واقعي جو ڪيس مقتولا جي ماءُ شاھده جي مدعيت ۾ 4 ڏينھن بعد ملير سٽي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آھي مقتولا جي ماءُ شاھده مطالبو ڪيو آھي ته عباس منھنجي ڌي کي تشدد ڪري قتل ڪيو آھي فوري قبرڪشائي ڪري لاش جو پورٽ مارٽم ڪرائي قاتل کي سخت سزا ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.