اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ترين گروپ جي عون چوڌري کي وزيراعظم جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو.
صدر، عون چوڌري کي وزيراعظم جي ايڊوائس تي صلاحڪار مقرر ڪيو آهي، هو وزيراعظم جو اسپورٽس ۽ سياحت بابت صلاحڪار هوندو، جڏهن ته سندس عهدو وفاقي وزير جي برابر هوندو.
عون چوڌري کي وزيراعظم جو صلاحڪار بڻائڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.