ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ وڌيڪ گرميءَ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي آهي، جڏهن ته موسميات کاتي گرمي جي شدت ۾ واڌ کان خبردار ڪيو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته گرمي جي لهر 12 مئي کان وڌيڪ شدت سان سڄي سنڌ کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي سگهي ٿي، جيڪا 17 مئي تائين برقرار رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب دادو، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، سکر ۽ ٻين علائقن ۾ پارو 46 کان 48 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو، جڏهن ته هيٺين علائقن ۾ پارو 43 کان 45 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ به گرمي جي شدت وڌڻ جو امڪان آهي ۽ 13، 14 مئي تي ڪراچي ۾ گرمي پد 38 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي چيو آهي ته انتهائي گرم ۽ خشڪ موسم سبزين، باغن ۽ فصلن تي دٻاءُ وجهي سگهي ٿي، تنهن ڪري آبادگار موسمي حالتن موجب فصلن کي پاڻي ڏيڻ جو انتظام ڪن.
موسميات کاتي سخت گرمي ۾ ماڻهن کي ڏينهن جو 11 وڳي کان 4 وڳي تائين غير ضروري طور ٻاهر نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.