ڀريا تعلقي ۾ گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري وئي، عورت فوت، ڪيترائي مرض ۾ وتل

ڀرياسٽي ( رپورٽ: مجيد ڪيريو ) ڀريا تعلقي جي 20 کان مٿي مختلف ڳوٺن ڳوٺ جئندو ڪلهوڙو، ڳوٺ مراد لاڙ ، ڳوٺ منگو ، ڳوٺ محمد خان نائچ ، ڳوٺ  ناري ، ڳوٺ گولو نائچ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ گيسٽرو جو مرض ڦھلجڻ ڪري ڳوٺ جئندو ڪلهوڙو ۾ 18 ورهين جي شادي شدهه عورت زال شعيب علي عرف پپن جي گھر واري فوت ، جڏهن ته معصوم ٻارڙا ، عورتون ۽ مرد بيماري جي بسترن تي ڳوٺن ۾ بي يارو مدد گار پيل. جڏهن ته  گيسٽرو سبب  مريضن ۾ ٻارڙو روپو لال چند ، سائران ، حماد ،  نوجوان سردارو ، عبدالرشيد آرائين ، محبوب علي ۽ عورتون شامل آهن . جڏهن ته صحت کاتي نوشھروفيروز  جي عملدارن اک نـ پٽي بيماري جي بستري تي پيل معصوم ٻارڙن توڙي عورتن جي ڏينھون ڏينھن حالت خراب ٿيڻ لڳي. ٻئي پاسي ڳوٺاڻن وس وارن کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته گيسٽرو جي موذي مرض ۾ مبتلا معصوم ٻارڙن جون حياتيون بچايون وڃن. ۽ صحت کاتي پاران ڊاڪٽرن جو ٽيمون موڪليون وڃن. ته جيئن هن موذي مرض تي ظابطو آڻي سگھجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.