کوکرا پار ۾ناري قتل، مڙس لاش پکي سان ٽنگي ڇڏيو

کوکرا پار (رپورٽ:عنايت قمبراڻي)کوکرا پار ۾ 6 مھينا اڳ پرڻيل 18 ورھين جي ناري زينب کي مڙس قتل ڪري لاش پکي ۾ ٽنگي ڇڏيو.ناري زينب عيد ڪرڻ لاءِ پيڪن وٽ آيل هئي، جتي مڙس عباس کيس تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪري لاش پکي ۾ ٽنگي پاڻ فرار ٿي ويو.ٻڌيو وڃي ٿو ته ناري جو لاش بغير پوسٽ مارٽم جي ورثن دفنائي ڇڏيو.ان سلسلي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ناري زينب جي ماءُ شاھده ٻڌايو ته 6 مھينا اڳ زينب جي شادي پنھنجي ڏير جي پٽ عباس پٽ عبدالمجيد  سان ڪرائي ھئي، جنھن کي عيد ڪرائڻ پنھنجي گھر وٺي آياسين، جتي هن منهنجي نياڻيءَ کي ڪمري ندر تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ۽ واقعي کي آپگهات جو رنگ ڏيڻ لاءِ لاش پکي ۾ ٽنگي پاڻ فرار ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.