اعجاز چنا سان رهاڻ ۽ عيد مشاعرو

خادم ڪلهوڙو

علم دوست ادبي سنگت پاران نامور شاعر اديب ۽ ريڊيو ڪمپيئر اعجاز چنا سان رهاڻ ۽ عيد مشاعري جي تقريب خيرپور پريس ڪلب ۾ ٿي گذري جنهن جي صدارت ناليواري شاعر لالڻ چني ڪئي، علم دوست ادبي سنگت جو چيئرمين علامه حزب الله سومرو، ۽ خواجه ذولفقار خاص مهمان هئا وشال شيخ، رفيق ابڙو تقريب جا اعزازي مهمان هئا هئا علم دوست ادبي سنگت جي صدر عابد سومرو آجياڻي واري تقرير ۾ چيو ته علم دوست ادبي سنگت ،ٻولي ،سماج ۽ ڪردار سازي لاءِ جاکوڙي رهي آهي. هي تقريب پڻ ان جو حصو آهي  علم دوست ادبي سنگت جي سالني پروگرام عيد مشاعرو ۽ عظمت حسين ڪانفرنس جا بهتر نتيجا حاصل ٿيندا رهيا آهن، تقريب ۾ علي حسن سرڪي،  آزاد انصاري، حاڪم ناريجو ،قاصد پنهيار، منظور خاموش، خيرل سيلرو مير صوبدار سعيد، تاج سروهي، پرويز پريشان مهر ،عنايت پنهيار پروفيسر امير گل ڪٽوهر، اختر کوکر ۽ ٻين پنهنجون نڪور تخليقون پيش ڪري داد وصول ڪيو، فنڪار شريف عباسي ۽ عنايت پنهيار اعجاز چنا جي شاعري ترنم ۾ ڳائي داد وصول ڪيو، نامور اديبن اختر ٽانوري، ضمير لاشاري ،ڊاڪٽر نذير چنا، امر اقبال، تاجر اڳواڻ مظفر چنا، انجنيئر ظهير جماڻي سچا حسين ابڙو، عبد الحميد شيخ رفيق ابڙو، وشال شيخ خواجا ذولفقار، اختر کوکر ،خادم ڪلهوڙي ،اعجاز چني جي زندگي، ريڊيو سروسز، صحافتي پورهئي ملازمت ۽ شاعري بابت دل کولي ڳالهايو ۽ ساروڻيون ساريون .

مقررن چيو ته اعجاز چنا 90 واري ڏهاڪي ۾ سڳيون کان خيرپور پهتو جتي هن پنهنجي ڪم، ڪردار، تخليقن رستي سماج کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هنن چيو ته اعجاز چني جو ڪم ۽ ڪردار نوجوانن لاءِ قابل اتساھ آهي هو هڪ نيڪ سيرت ۽ صاف سٿري سوچ جو مالڪ انسان آهي سندس شاعري ۾ زندگي کي اڳتي وڌڻ جو پيغام آهي. ريڊيو پاڪستان تي ڪم ڪندي هن ڪمال شهرت ۽ مهارت حاصل ڪئي، صدارتي خطاب ۾ لالڻ چني چيو ته اعجاز چنو اسان جي علائقي ۽ قبيلي جو اهڙو گلاب آهي جنهن جو هڳاءُ سڄي سنڌ کي واسي رهيو آهي.

 صاحب رهاڻ اعجاز چني علم دوست ادبي سنگت جا ٿورا مڃيندي چيو ته مان سنڌ جي اهل علم ماڻهن جي پيرن جي پڻي آهيان. مون کي غربت واري زندگي ۽ غريب مائٽن تي اڄ به فخر آهي زندگي جا تمام گهڻا لاها چاڙها ڏٺا اٿم پر حوصلو نه هاريو آهي. شعر ادب جي ماحول مون کي عزت ۽ شهرت بخشي آهي ان لاءِ مان ﷲ پاڪ جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. منهنجو خاندان ۽ آءُ صرف ۽ صرف محبت ۽ محنت سان حاصل ڪيل عزت تي يقين رکون ٿا، هن، چيو ته مان بنا ڪنهن سفارش جي ڪيترائي ڀيرا چٽا پيٽڻ وارا امتحان پاس ڪري هڪ کان هڪ نوڪريون حاصل ڪريون ۽ ڇڏيون آهن تقريب هنگلور جا پريس ڪلب جي صدر فرمان علي سهتو  سليم ناريجو، سليم رضا شيخ، اشرف مغل ،وحيد گلال ،حاجي يوسف لهر مختيار ڦلپوٽو، فهيم يحيي ڀٽو شجاع احمد صديقي ،عاقب سومرو، ساگر صفي ﷲ شر، محمد عثمان ڪلهوڙو، حسنين ڪلهوڙو ،عبد الستار مهراڻي ،گل مير ڦلپوٽو سميت وڏي انگ ۾ صحافن، شاعرن، چنا برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.