ڏهرڪي ۾ بدامني خلاف جسقم جي احتجاج ڪاميابي لاءِ مهم

ڏهرڪي ( ن ع آ )  ڏهرڪي ۾ بدامني جو راڪاس ڇانيل شهري سخت پريشان ڦرون داڙا ۽ چوريون روز جو معمول بڻيل جسقم طرفان سڀاڻي  احتجاج جو اعلان. احتجاج جي ڪاميابي لاءِ جسقم اڳواڻن جي رابطه مهم سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين کي دعوتون ڏنيون جسقم اڳواڻن هنڌو پنجائت ڏهرڪي جي مکي انيل ڪمار ۽ جرنل سيڪريٽري راج ڪمار  سمال ٽريڊ يونين جي اڳواڻ شنڪر لال. سبزي منڊي يونين جي صدر لطف الله ڀٽو. موٽر سائيڪل يونين شورم يونين جي ماما شفقت ڀٽو پ پ ليديز ونگ گهوٽڪي جي اڳواڻ ادي راحيلا شر. ڪامريڊ شبير شر ڪامريڊ نياز سميجو  سان ملاقاتون ڪري دعوتون ڏنيون ان موقعي تي جسقم ضلعي اڳواڻ مير حسن لاشاري امتياز ڀٽو چيو ته ڏھرڪي شهر ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي آهي جنهن جي ڪري شهري سخت پريشان آهن. هنن چيو ته عيد رات کير وڪرو ڪندڙ الطاف ٻنڀ کي ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري شهيد ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ ڏينهن ڏٺي جو وچ شهر ۾ روي ڪمار کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪيو ويو. هنن چيو ته وڏيرن جي ڪمدار ايس ايڇ او ڏهرڪي شفيع گولو  ڏهرڪي ۾ امن امان ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويو آهي  هنن شهر واسين کي سڀاڻي بروز اڱارو تي سائين جي ايم سيد چوڪ کان جسقم جي نڪرندڙ ريلي ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مُطالبو ڪيو ته نااهل ايس ايڇ او ڏهرڪي شفيع گولو کي هٽائي امن امان بحال ڪري شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي نه ته ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.