سنڌ ۾ پاڻيءَ جو بحران

پروفيسر گل محمد سومرو

سنڌو درياءَ حضرت انسان جي پيدائش کان گهڻو قديم آهي. سنڌو درياءَ کي تاريخ ۾ ڪيترن ئي مختلف نالن سان سڏيو ويو آهي. ”اباسين“، ”سپت سنڌو“، ”مهراڻ“ ، ”انڊس“ وغيره. سنڌوندي دنيا جي وڏين ندين مان سترهين نمبر تي آهي.  سنڌوندي کي ”مٺو سمنڊ“ پڻ سڏيو وڃي ٿو. سنڌوءَ جو عام وهڪرو اتر کان ڏکڻ طرف آهي. سنڌوندي بکر، سکر ۽ روھڙيءَ جي شهرن وچان پهاڙن کي چيريندي آهستي آهستي ڏکڻ اولهه طرف وهي ٿي. سکر بيراج ٻڌجڻ کان پوءِ سنڌوءَ مان ڪيترائي واهه ڪڍيا ويا جيڪي سنڌ جي مختلف حصن کي سرسبز ۽ آباد ڪن ٿا. سيوهڻ وٽ جبلن جي روڪ سنڌوهه کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ٿي جنهن ڪري ان جو رخ حيدرآباد تائين ڏکڻ ـ اوڀر طرف ڦيرائي ٿي. سنڌوندي جو آخري ڇوڙ سمنڊ ۾ ٿئي ٿو جتي دنيا جي هڪ خوبصورت ڊيلٽا جڙي ٿي.سنڌو درياءَ جي اترئين علائقن ۾ جڏهن برسات پوي ٿي يا جڏهن هماليا جي برف تيز گرمي سبب پگهرجي ٿي تڏهن مارچ ڌاري ان ۾ چاڙهه شروع ٿئي ٿو جيڪو آگسٽ ۾ پنهنجي جوانيءَ کي پهچي ٿو ۽ نيٺ آڪٽوبر ڌاري لهڻ شروع ٿئي ٿو. سنڌوءَ جا قديم بندرگاهه الور، بلري، منصوره، منجابري، نيرون ۽ رابيل وغيره هئاسنڌوءَ جي ڊيلٽا مڇين جي نرسري سڏجي ٿي جتي تمر جا ٻيلا آهن جيڪي مڇين جي واڌويجهه لاءِ خوراڪ جو ڪم ڏين ٿا اهڙي طرح اهي ٻيلا سامونڊي کاڌ کان بچاءُ جو پڻ اهم ذريعو آهن.سنڌو ندي، 1800 ميل ڊگهي آهي، سا هماليه جبل جي سنگي ڪباب جي برفاني ڌارا مان نڪري ٿي، سنگي ڪباب مانسرور ڍنڍ کان 30 ميل پري آهي. سنڌو ندي والاريل ڪشمير مان ٿيندي آزاد ڪشمير، خيبر پختون خواهه، پنجاب لتاڙيندي، اتان جي چئن ندين جو پاڻي پاڻ منجهه سمائيندي، سنڌ ۾ ڪشمور وٽان داخل ٿئي ٿي. پوءِ هاڻوڪي سنڌ کي سرسبز ۽ آباد ڪندي وڃي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سنڌو جو قديم دور وارو عروج مختلف بئراجن ۽ ڊيمن اڏجڻ سبب گهٽجي ويو آهي. جنهنڪري سنڌوءَ جي ٻنهي طرفن کان موجود ٻيلا پڻ پنهنجو جوڀن وڃائي ويٺا آهن. پاڻيءَ جي کوٽ ڊيلٽائي علائقن جي سونهن کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي. اتان جي انساني آبادي پڻ بحران جي وَر چڙهي پڪي جي علائقن ڏانهن تيزيءَ سان لڏپلاڻ ڪري رهي آهي. سنڌ صوبي م سنڌوندي جي ڊيگهھ 750 ڪلوميٽر آهي. سنڌو، جڏھن ڊيمن ۽ بندرن جي گرفت ۾ ڪانه ھئي، تڏھن پنھنجا وھڪرا بدلائيندي رهندي ھئي، ان ڪري سنڌوءَ کي ’پورالي ندي‘ چوندا ھئا. سنڌو جڏھن سانوڻ يا ھاڙهه جي برهرن ۾ موج ۾ ايندي ھئي، تڏھن ننڍين ننڍين ڪسين کي ويڪرا ڦاٽ ٺاھيندي ھئي، جيڪي سنڌ جي سرزمين کي آباد ڪندا ھئا. اھڙا ڦاٽ سنڌوءَ جي ٻنھي ڪنارن تي ھوندا ھئا. ھڪ وقت ھو جو سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ مان پورو ملڪ ذرخيز ۽ آباد ھوندو ھو، سرسبز ۽ شاداب ھوندو ھو. سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ آبادگارن کي پاڻي پوک پٽاندڙ ملندو ھو، فصلن جا انبار ٿيندا ھئا. پر ھن وقت سنڌوءَ جا ڪنارا خشڪ ٿي چڪا آھن، انسان ته ڇا پر ڍور ڍڳا ۽ پکي پکڻ به پاڻيءَ ڍڪ لاءِ تڙپي رھيا آھن. حقيقتن تي نظر وجھڻ سان حقيقتن جا پردا لھڻ سان اصليت سامھون ايندي ئي سنڌ واسين کي ڏندين آڱريون اچي وينديون. جڏھن ته اسين سڀ ڪجهھ ڄاڻون ٿا، سمجھون ٿا ۽ اکين سان پڻ ڏسي به سگھون ٿا پر اسان ۾ جيڪا ڪمزوري آھي اھا آھي اتحاد جي ڪمي. اسين اتحاد جي صلاحيت کان محروم آھيون پر اتحاد جي صلاحيتن کان محروم ڪرڻ وارا تعليم جي زيور کان پري رکڻ وارا، معاشي سطح تي تباھ ڪرڻ وارا، غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙڻ وارا ۽ ھر آسائش ۽ تمام حقن کان محروم رکڻ وارا ڪي ڌاريا نه پر اسان جي ملڪ جا سياستدان آھن. جيڪي ھن ملڪ سان بلڪل مخلص نه آھن، ھن وقت پاڻيءَ جو جيڪو به بحران آھي ان ۾ وڏو ھٿ اسان جي سياستدانن جو آھي.

 ھن وقت موسم مطابق گرمي پد وڌي چڪو آھي، جنھن ڪري ھماليه ۽ ٻين پھاڙن تي ڄميل برف ڳري رھي آھي ۽ اھا پاڻيءَ جي شڪل اختيار ڪري وھي اچي سنڌوءَ ۾ گڏ ٿئي ٿي. ماضيءَ ۾ ھميشه مئي کان اگسٽ تائين جي دوران سنڌوءَ ۾ پاڻي تمام گهڻي ڪثرت اختيار ڪندو آيو آھي. جنھن ڪري ھر سال سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پاڻي درياھ جا ڪنارا ٽوڙي سيلاب جي شڪل اختيار ڪندو آھي، اھڙيءَ صورتحال ۾ آبپاشي کاتي وارن جا اھي بيان ھوندا آھن ته ھندوستان وارن پاڻي اسان ڏانھن اماڻيو آھي، جنھن ڪري ٻوڏ آئي آھي. پر ھن وقت موسم به گرميءَ جو آھي ۽ پاڻيءَ جي قلت به تمام گهڻي ٿي چڪي آھي. پر سنڌ حڪومت جا بيان اھي آھن ته پاڻيءَ جي کوٽ پوري ملڪ ۾ آھي، پاڻي ھندوستان مان روڪيو ويو آھي. مطلب ته پاڻي جيڪڏھن ڪثرت اختيار ڪري تڏھن به ھندوستان جو ڏوهه ۽ جيڪڏھن پاڻيءَ جي قلت ٿئي تڏھن به ھندوستان جي سازش. ته پوءِ اسان جو ايريگيشن کاتو ڪھڙيون خدمتون سر انجام ڏئي رھيو آھي؟ ان جو ڪھڙو ڪردار آھي؟

حقيقت اھا آھي ته جھڙيءَ ريت اسان جي سنڌ صوبي جي صوبائي اقتداري پارٽيءَ سنڌ جي امن، تعليم، معيشيت ۽ٻين بيحد معاملن جي سوديبازي ڪري وفاق ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي آھي. بلڪل اھڙي طرح پنجاب جي وڏي پارٽيءَ سان پاڻيءَ بابت به اندروني طور تي معاھدا ڪري کين ھر طرح جي پڪ ڏياريندي اقتدار حاصل ڪيو آھي. جنھن جي نتيجي ۾ ٿوري ئي وقت اندر پنجاب پنھنجي مرضيءَ مطابق پاڻي حاصل ڪري ورتو ۽ باقي جيڪو پاڻي بچيو اھو اسان جي اقتداري پارٽيءَ جي وزيرن، وڏيرن ۽ سيدن پاڻ وٽ اڳ ئي سنڀالي رکيو جنھن ڪري سنڌو درياهه جو پاڻي سکر بئراج پھچڻ کان اڳ ئي پڄاڻيءَ تي پھچي ويو ۽ خشڪي ان جو مقدر بڻجي وئي. وري ھن وقت اندروني معاھدن تحت سنڌوءَ جو پاڻي به پنجاب کي ڏئي سنڌ جي فصلن کي تباھ ڪرڻ جي ھڪ سوچي سمجھي سازش ڪئي وئي آھي جنھن جي پويان ھڪ ئي مفاد آھي جيڪو اقتدار جي لوڀ پوري ڪرڻ وارو مفاد آھي. ان ڪري سياستدانن پاران اسان جي مٿان ظلم جي انتھا ٿي چڪي آھي. اسان کي ھاڻي ماٺ نه ڪرڻ گھرجي ۽ پنھنجي حقن جي حاصلات لاءِ آواز اٿارڻو پوندو، ٻاھر نڪرڻو پوندو، اتحاد جي طاقت سان سر شار ٿيڻو پوندو ۽ انھن سياستدانن مان پنھنجو پاڻ کي ۽ ملڪ کي بچائڻو پوندو جيڪڏھن ائين نه ٿيو ته اسان ۽ اسان جا نسل تڙپي تڙپي تباھ ۽ برباد ٿي ويندا ۽ سياستدان ملڪ تباھ ڪري ٻاھرين ملڪن ۾ يھودين جي سرپرستيءَ ۾ عيش ۽ عشرت واري زندگي پيا گذاريندا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.