پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي استعيفيٰ ئي فتنو آهي: گورنر پنجاب

لاهور( م ڊ) پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما چيو آهي ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار جي استعيفيٰ ئي فتنو آهي. هن اي آر واءِ کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته استعيفي گورنر کي لکي ويندي آهي، ايڊوڪيٽ جنرل استعيفيٰ کي غير قانوني قرار ڏنو. هن چيو ته ن ليگ وارا حلف کڻڻ لاءِ عدالت ويا. هن چيو ته راڻا ثناءُ الله گهرو وزير بڻجي ويو آهي، ن ليگ جو درٻاري نه بڻجي. خط لکڻ باوجود سيڪيورٽي ناهي ڏني وئي. مان هڪ ٽوئيٽ ذريعي گورنر هائوس ماڻهو گهرائي سگهان پيو ان ڪري ن ليگ وارن کي وارننگ ڏني ته گونر هائوس ماڻهو گڏ نه ڪيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.